ججن جي مقرري ۽ پاڪستان بار ڪائونسل جا اعتراض

0
290

سپريم ڪورٽ ۾ رٽائرڊ ٿي ويل ٻن ججن جسٽس فيصل عرب ۽ جسٽس منظور ملڪ کان پوءِ انهن جي جاءِ تي ٻه نوان جج مقرر ڪرڻ وارو مامرو انتهائي پيچيده ٿيندو پيو وڃي. ججن جي مقرري واري جوڊيشل ڪميشن جنهن جي سربراهي چيف جسٽس گلزار احمد ڪندو آهي، ان 12 جولاءِ تي ڪميشن جي اجلاس ۾ ٻن ججن جي مقرر ڪرڻ واري مامري تي هڪ جج مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، جنهن جج کي مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي اهو بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس جمال خان مندوخيل آهي، جڏهن ته ٻئي جج جسٽس محمد علي مظهر جنهن جو تعلق سنڌ هاءِ ڪورٽ سان آهي ان جي نالي تي اتفاق نه ٿي سگهيو ۽ ان جو نالو ايندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪيو ويو. جسٽس محمد علي مظهر جو نالو جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ موخر ڪرڻ واري مامري پٺيان گهڻائي سبب آهن پر انهن مان هڪ سبب اهو آهي ته وڪيلن جي سڀ کان وڏي تنظيم پاڪستان بار ڪائونسل ۽ سنڌ بار ڪائونسل جسٽس محمد علي مظهر جي مقرري واري مامري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو، جنهن سبب 12 جولاءِ واري جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ جسٽس محمد علي مظهر جو نالو موخر ڪيو ويو، وڪيلن جي اڳواڻن جو اهو چوڻ آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ مان سينيئر ججن کي پاسيرو رکي پنجين نمبر تي موجود جونيئر جج کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪرڻ واري ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي. جنهن سبب 12 جولاءِ واري اجلاس واري ڏينهن پاڪستان بار ڪائونسل سڄي ملڪ م هڙتال جو سڏ ڏنو هو، جسٽس محمد علي مظهر جو نالو موخر ٿيڻ جو سبب پاڪستان بار ڪائونسل پاران هڙتال جي سڏ کي قرار ڏنو ويو، جڏهن ته وڪيلن پاران 12 جولاءِ واري اجلاس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جونيئر جج کي مقرر نه ڪرڻ واري ڪميشن جي فيصلي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
ان دوران وقت گذرندو ويو، وڪيلن به پنهنجي سر سک جو ساهه کنيو پر اوچتو جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس اڄ 28 جولاءِ تي طلب ڪيو ويو آهي، ان اجلاس بابت ذريعن جو اهو چوڻ آهي ته 15 ڏينهن کان پوءِ ٻيهر جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ موخر ٿي ويل جج جسٽس محمد علي مظهر جي نالي تي ٻيهر غور ڪيو ويندو، جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس جيئن ئي ڪوٺايو ويو ته پاڪستان بار ڪائونسل هڪ ڀيرو ٻيهر متحرڪ ٿي هڪ پڌرائي جاري ڪئي، جنهن ۾ انهن جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس تڪڙ ۾ گهرائڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي موقف اختيار ڪيو ته اهو سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته جوڊيشل ڪميشن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي پنجين نمبر تي جونيئر جج کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪرڻ لاءِ ايڏو متحرڪ ڇو آهي؟ ڇا سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس محمد علي مظهر کان اڳ جيڪي جج آهن انهن کان رضامندي ورتي وئي آهي، هونئن ڏٺو وڃي ته هن وقت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سڀ کان سينيئر جج چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس علي احمد شيخ آهي، جنهن بابت وڪيلن جي تنظيمن جو چوڻ آهي ته هڪ سينيئر جج جي جڳهه تي هڪ جونيئر جج کي مقرر ڪرڻ افسوس جوڳو عمل آهي. ملڪ جا سينيئر وڪيل سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اوور ميچوئر قرار ڏيندي اهو موقف رکن ٿا ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سينيئر جج بجاءِ هڪ جونيئر جج کي مقرر ڇو ٿو ڪيو وڃي؟وڪيلن جو اهو به چوڻ آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ کان پوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو سينيئر جج جسٽس عرفان سعادت خان آهي، ٽئين نمبر تي سينيئر جج جسٽس عقيل احمد عباسي آهي، جڏهن ته چوٿين نمبر تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو سينيئر جج سيد حسن اظهر رضوي آهي، جسٽس محمد علي مظهر پنجين نمبر تي آهي، ان جو نالو جوڊيشل ڪميشن ۾ اچڻ تي وڪيل برادري جو اهو موقف آهي ته اڄ 28 جولاءِ تي 15 ڏينهن اندر ٻيهر جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس گهرائي اهو ظاهر ڪيو وڃي ٿو ته جوڊيشل ڪميشن پنهنجي مرضي سان جسٽس محمد علي مظهر کي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪرڻ چاهي ٿي.
هن وقت پاڪستان بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين کان پوءِ سينيئر ترين ميمبر سينيٽر اعظم نذير تارڙ جنهن جو تعلق ن ليگ سان آهي ان جو موقف آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري نه ٿيڻ تي به ڪيترائي سوال پيدا ٿين ٿا، جيڪڏهن فرض ڪيو وڃي ته هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جي جج ٿيڻ جي رضامندي نه ٿو ڏيکاري ته ان کان پوءِ سپريم ڪورٽ جي الجهاد ٽرسٽ ڪيس ۾ ڏنل فيصلي کي سامهون رکندي ٻئين نمبر تي هاءِ ڪورٽ جي سينيئر جج کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪيو وڃي پر هن ڀيري جوڊيشل ڪميشن سپريم ڪورٽ جي الجهاد ٽرسٽ واري فيصلي کي نظر انداز ڪندي هڪ جونيئر جج کي مقرر ڪرڻ چاهي ٿي، جوڊيشل ڪميشن کي اهڙو فيصلو ڪرڻ نه ڏينداسين. جوڊيشل ڪميشن جي سربراهه کي گهرجي ته هو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻئين، ٽئين ۽ چوٿين نمبر تي سينيئر ججن کان انهن جي رضامندي حاصل ڪري، اهي جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ٿيڻ نه ٿا چاهين ته ان کان پوءِ پنجين نمبر تي جونيئر جج کي بيشڪ سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وڃي. سينيٽر اعظم نذير تارڙ جو اهو چوڻ آهي ته جسٽس محمد علي مظهر سان گڏ هاءِ ڪورٽ جي ٽئين نمبر تي سينيئر جج جسٽس عقيل عباسي سپريم ڪورٽ اچڻ جي خواهش رکي ٿو، ان جي خواهش کي لتاڙيندي ڪنهن جونيئر جج کي مقرر ڪرڻ تي غور سپريم ڪورٽ جي فيصلن جي خلاف ورزي آهي.
سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ مان جج مقرر واري مامري تي هن وقت جيڪا صورتحال پيدا ٿي آهي ان ۾ جتي پاڪستان بار ڪائونسل متحرڪ نظر اچي ٿي اتي ئي ڪجهه قوتون اهڙيون به آهن جيڪي پاڪستان بار ڪائونسل جي موقف کي نقصان پهچائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن، اسان جي ڪجهه ذريعن پاڪستان بار ڪائونسل جي 7 جولاءِ تي ٿيل ميٽنگ جا منٽس سامهون آندا آهن جنهن ۾ جسٽس محمد علي مظهر جي مقرري واري مامري تي ميمبرن خاص طور پنهنجي راءِ ڏني آهي، ميٽنگ منٽس مطابق بار ڪائونسل ۾ بلوچستان سان تعلق رکندڙ ميمبر سپريم ڪورٽ ۾ بلوچستان جي چيف جسٽس کي مقرر ڪرڻ جي راءِ ڏني جنهن کي متفقه طور منظور ڪيو ويو، جڏهن ته ان اجلاس ۾ جسٽس محمد علي مظهر جي مامري تي سمورن ميمبرن پنهنجي راءِ ڏني، انهن ميمبرن مان سڀ کان اهميت جوڳي راءِ پاڪستان بار ڪائونسل جي سينيئر ميمبر سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي آهي جنهن ۾ هن واضح موقف اختيار ڪيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ جج مقرر ڪرڻ لاءِ سينارٽي وارو اصول پنهنجي جاءِ تي پر جيڪڏهن ڪنهن هاءِ ڪورٽ ۾ ڪو جونيئر قابل جج موجود آهي ته ان جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري تي اعتراض نه ڪرڻ گهرجي.
هونئن ته سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري اڪثر ڪري الجهاد ٽرسٽ جي فيصلي جنهن ۾ سپريم ڪورٽ ۾ جج جي مقرري سينارٽي واري اصول تي ڪرڻ جو پابند بڻايو ويو آهي، جڏهن کان جوڊيشل ڪميشن جوڙي وئي آهي تڏهن کان پاڪستان بار ڪائونسل ۽ ٻين وڪيلن جي تنظيمن پنهنجو هڪ نمائندو ڪميشن ۾ مقرر ڪرايو آهي پر انهن وڪيلن جي تنظيمن هميشه کان اهو اعتراض رکيو آهي ته جوڊيشل ڪميشن ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن جي اڪثريت هئڻ سبب انهن جي موقف تي صحيح طريقي سان غور نه ٿو ڪيو وڃي. پاڪستان بار ڪائونسل جوڊيشل ڪميشن ۾ جيڪا ميمبرن جي جوڙجڪ آهي ان تي هميشه کان اعتراض ڪندي اهو موقف رکيو آهي ته ڪميشن ۾ بار ڪائونسل جا ميمبر وڌايا وڃن، انهن جي اهڙي مطالبي کي هن وقت تائين مڃتا ناهي ملي پر هو ان حوالي سان پنهنجي ڪوشش جاري رکيو ويٺا آهن. سينيئر وڪيلن جو اهو موقف آهي ته سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جنهن سپريم ڪورٽ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ عرصو چيف جسٽس طور گذاريو ۽ ان ڀرپور طريقي سان جوڊيشل ڪميشن ۾ پنهنجي مرضي مڃرائي، سندس اهڙي رويي تي به پاڪستان بار ڪائونسل هميشه اعتراض ڪيو، پر انهن جو اعتراض ان ڪري لاڀ حاصل نه ڪري سگهيو جو اڳوڻو چيف جسٽس افتخار چوڌري عدليه بحالي تحريڪ ۾ جهڙي طريقي سان بحال ٿيو هو ان کان پوءِ هو سڀ کان وڌيڪ طاقتور چيف جسٽس سمجهيو ويندو هو.
اڄ 28 جولاءِ تي جوڊيشل ڪميشن جو هڪ نقاطي ايجنڊا تي ٻڌل اجلاس ٿي رهيو آهي جنهن ۾ امڪان اهو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته جسٽس محمد علي مظهر کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪرڻ لاءِ سفارش ڪئي ويندي. اهو به امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته جوڊيشل ڪميشن جي گذريل اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ ججن جي مقرري بابت اٽارني جنرل خالد جاويد خان ۽ قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم گڏيل طور موقف اختيار ڪيو هو، ٿي سگهي ٿو ته ساڳيو موقف هن اجلاس ۾ به ورجايو وڃي. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته جوڊيشل ڪميشن جو ميمبر جسٽس قاضي فائز عيسيٰ به آهي، هو شايد ڪورونا سبب اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهي، پر اهو امڪان آهي ته هو وڊيو لنڪ ذريعي ان اجلاس ۾ شرڪت ڪري پنهنجو موقف ضرور ڏيندو. هاڻي اهو ڏسجي ته ڇا جوڊيشل ڪميشن جا ميمبر يا وري وڪيلن جون تنظيمون جن اڄ سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو سڏ ڏنو آهي اهي ڪامياب ٿين ٿيون، ساڃاهه وند ڌرين جو اهو موقف آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري تي ڊيڊ لاڪ پيدا ٿيڻ سٺو سنئوڻ ناهي، شايد پاڪستان جون طاقتور ڌريون جتي سياست ۾ مڪمل طور داخل ٿي چڪيون آهن اتي عدالتن ۾ جج مقرر ڪرڻ واري مامري تي به شايد پنهنجو ڪردار ڀرپور طريقي سان ادا ڪنديون هجن، هن وقت سپريم ڪورٽ ۾ هڪ جج اهڙو آهي جيڪو لاڳاپيل هاءِ ڪورٽ ۾ جونيئر جج هو پر ان کي طاقتور ڌرين جي حق ۾ فيصلو ڏيڻ جي نتيجي ۾ سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪرايو ويو، شايد اهي طاقتور ڌريون اهو چاهين ٿيون ته عدليا جي محاذ تي به پنهنجو ڪردار ڀرپور طريقي سان ادا ڪري سگهن.