بدامني ۽ لاقانونيت باوجود لاڳاپيل آفيسر ماٺ ۾

0
231
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

فاروق سومرو سکر مان لکي ٿو

سکر سنڌ جو ٽيون نمبر وڏو شھر ۽ ڊويزنل ھيڊڪوارٽر توڙي ريجنل ھيڊ آفيسون به موجود آھن. سنڌ اندر امن امان جي بحالي، عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت جي ذميواري پوليس حوالي ڪئي وئي آھي. سکر توڙي لاڙڪاڻو ڊويزن جي سمورن ضلعن کي مانيٽر ڪرڻ جي لاءِ سکر ۾ ايڊيشنل آءِ جي آفيس جنھن کي آر پي او آفيس به چيو ويندو آھي قائم آھي، اھڙي طرح ڊي آءِ جي آفيس به سکر شھر ۾ ئي موجود آھي، جيڪڏھن سيڪيورٽي ادارن جون آفيسون به ھِتي آھن، اھڙي طرح سنڌ توڙي وفاق جي مختلف کاتن جون ڊويزنل آفيسون به موجود آھن، پر افسوس جو ڪجھه عرصي کان بدامنيءَ جي لھر ۾ ڳڻتيءَ جوڳو اضافو ٿيڻ باوجود امن امان جي بحالي لاءِ ڪي به قدم اختيارين پاران کڻندي نظر ناھن آيا. ڦرون، چوريون، ڌاڙا معمول بڻجي ويا آھن، اڳ نامعلوم چور دوڪانن، موٽر سائيڪلن جا تالا ٽوڙي چوري ڪري ويندا ھئا، يا ڪارون وجھه وٺي چوري ڪري فرار ٿي ويندا ھئا پر ھاڻي ته سرعام ڏينھن ڏٺي جو مصروف ترين ۽ ڳتيل آبادي وارن علائقن ۾ ھٿيارن جي زور تي ڦر ڪري ڏوهاري آسانيءَ سان فرار ٿي وڃن ٿا. ايئن ناھي ته رڳو مٿي ڄاڻايل آفيسون ئي سکر ۾ موجود آھن پر سياسي طور تي به سکر کي زبردست پروٽوڪول موجود آھي، جنھن ۾ قومي اسيمبلي ۾اڳوڻو مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاھه، صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاھه، صوبائي وزير ٽرانسپورٽ سيد اويس قادر شاھه، سينيٽر اسلام الدين شيخ، ايم اين اي نعمان اسلام شيخ هتان سان وسطو رکندڙ آهن. ڪجھه ڏينھن اڳ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھه کان روھڙيءَ ۾ سندس ئي تڪ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿيڻ، تاجرن ۽ عوام پاران ڳڻتيءَ جو اظھار ڪرڻ وارو سوال ڪيو ويو ھو، جنھن تي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھه صاحب جواب ڏنو ھو ته امن امان جي صورتحال اڳ کان ڪافي بھتر آھي پر ايڪڙ ٻيڪڙ واقعا به نه ٿيڻ گھرجن. مطلب ته سائين جن جي ڊڪشنريءَ ۾ جيستائين پراڻيءَ طرز جي بدامني نٿي ٿئي تيستائين امن امان جي صورتحال اڳ کان بھتر ئي رھندي. جيتوڻيڪ پنوعاقل مان صحت کاتي جي ملازم سميت 8 مقامي ماڻھو اغوا ٿي چڪا آھن، ڪلھوڙا برادري جي ٽن مغوين کان ڏوھارين پھريان چاليھه لک ڀنگ رقم ڪئي ھئي، جنھن بعد ھاڻي اُھا ڀنگ جي رقم 20 لک روپين تي پھتي آھي، صوبائي وزير ناصر شاھه جو جيڪڏھن اھڙو بيان مغوي جي وارثن ٻڌو يا پڙھيو ھوندو ته انھن خاندانن مٿان ڇا گذري ھوندي؟ ساڳي ھنڌ ڪراچيءَ جي صورتحال تي وزير اعظم عمران خان جي نوٽيس وٺڻ وارو سوال به ناصر شاھه صاحب کان ڪيو ويو، جنھن تي ھن جواب ڏنو ته عمران خان جنھن جو به نوٽيس وٺندو آھي تباھي بربادي ٿيندي آھي، پر ھِتي ڪجھه ابتو ٿيو آھي، ڊي سي آفيس ۾ امن امان بابت ميٽنگ جي ڪجھه ڏينھن بعد سکر جي مصروف ترين شاھي بازار جي يوسف مارڪيٽ مان ھڪ ئي وقت 8 کان وڌيڪ دوڪانن جا تالا ٽوڙي لکين روپيا نامعلوم چور چورائي فرار ٿي ويا. ساڳئي ڏينھن بئراج روڊ جيڪو مصروف ترين روڊ آھي جتي ھول سيل اليڪٽرانڪس دوڪان تي موٽر سائيڪلن تي سوار چئن ھٿياربندن ڏينھن ڏٺي جو چڙھائي ڪري دوڪان مالڪ فرحت الله ولد عبدالله آخوند کان ھٿيارن جي زور تي لکين روپيا ڦر ڪري آسانيءَ سان فرار ٿي ويا. پوليس پاران تازو بندر روڊ تان لمڪا جي دوڪان تان سرعام ڦر جي جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائڻ جي دعويٰ ته ڪئي وئي ھئي پر امن امان بحال ڪرائڻ ۾ ناڪام نظر اچي رھي آھي.
تازو ئي پنوعاقل ويجھو جاگيراڻي ۽ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي ھئي، جنھن تان ھلندڙ ھفتي جي سومر واري ڏھاڙي تي ٻنھي ڌرين ۾ شديد فائرنگ ٿي ھئي، جنھن جي سوشل ميڊيا تي ھڪ ويڊيو وائرل ڪئي وئي جنھن ۾ ھٿياربندن ھڪ بند جي اوٽ ۾ بيھي جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪري رھيا آھن، جنھن سبب علائقي ۾ ڏھڪاءُ پکڙيل رھيو، ڌرين ۾ فائرنگ سبب ٻه واٽهڙ قيوم شيخ ۽ ارشاد جتوئي سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا. ھٿياربندن پاران سانگي وٽ ريلوي ٽريڪ تي بيھي فائرنگ ڪرڻ واري ڳالھه سامھون اچڻ بعد ريلوي اختيارين مسافرن جي حفاظت کي سامھون رکندي پشاور کان ڪراچي ويندڙ عوامي ايڪسپريس سميت ٻن ٽرينن کي پنوعاقل ريلوي اسٽيشن تي بيھاري ڇڏيو، جڏھن ته قومي شاهراهه کي پڻ مسافرن جي اچ وڃ لاءِ فائرنگ دوران ٿوري دير لاءِ وقتي طور بند ڪري مسافرن کي بيھاريو ويو. ٻنھي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ بعد ايس ايس پي سکر عرفان سمون موجب دبر ۽ سانگي جي حدن ۾ فائرنگ ڪندڙ جوابدارن جي گھرن تي چڙھايون ڪري 25 کان وڌيڪ ھٿياربندن کي گرفتار ڪيو ويو آھي، پوليس پاران جاري ڪيل وڊيوز ۾ مبينا طور ڏوھارين جا گھر، ٺڪاڻا پڻ ڊاٿل ڏيکاريا ويا آھن، ايس ايس پي مطابق مستقل بنيادن تي پوليس پڪٽون قائم ڪيون ويون آھن ڪنھن کي به قانون ھٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. جن کي جتوئي ۽ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ تڪرار جو ڪارڻ معلوم ناھي انھن کي ٻڌائيندو ھلان ته ڪجھه ڏينهن اڳ سانگي ٿاڻي جي حد ۾ ٻڪريون چوري ڪرڻ جي الزام ۾ جاگيراڻي برادري سان تعلق رکندڙ ٻن ڄڻن علي رضا جاگيراڻي ۽ گلزار جاگيراڻي کي جتوئي برادري جي ماڻھن پڪڙي تذليل جو نشانو بڻايو ھو جنھن کانپوءِ جاگيراڻي برادري جي ھٿياربندن دبر وٽ قومي شاهراهه تي مسافر وين کي بيھاري ڊرائيور نظير جتوئي ۽ ڪلينر عبيد جتوئي کي کڻي وڃڻ بعد مٿو، مڇون ڪوڙي تذليل جو نشانو بڻائڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي ھئي، پوليس جي ڪاررواين بعد پوليس مٿان اِھو به الزام سامھون آيو آھي ته پوليس ٻنھي ڌرين جي جھيڙيءَ سان واسطو نه رکندڙن جا گھر به ڊاھي پٽ ڪيا آھن، سانگي ويجھو ھڪ ڳوٺاڻي پاران پنھنجي ٻارڙن سان گڏ احتجاج دوران اھڙي دانھن ميڊيا وارن آڏو ڏني آھي.
برادري تڪرار جي خاتمي توڙي سکر ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال جي بحالي لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي تحرڪ ۾ اچڻ گھرجي، ايڊيشنل آءِ جي ڊاڪٽر ڪامران فضل توڙي ڊي آءِ جي سکر فدا حسين مستوئي جي آفيس سکر ۾ ئي موجود ھجڻ باوجود وڌندڙ بدامنيءَ تي انھن جو ھن وقت تائين ڪو بيان به سامھون ناھي آيو جنھن ۾ ھنن پاران ضلعي پوليس جي ڪمانڊ يا وري لاڳاپيل عملدارن کي ٺلھي ھدايت ئي ڪئي ھجي؟!، بدامني باوجود خاموشي سمجھه کان ٻاھر آھي، جنھن تي تاجرن توڙي شھرين طرفان ڳڻتيءَ جو اظھار ڪندي پاڻ کي غير محفوظ سمجھيو پيو وڃي. مٿي ذڪر ڪيل اھم آفيسون، ادارا موجود ھجڻ توڙي سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شھر سکر کي زبردست سياسي پروٽوڪول ھجڻ باوجودجيڪڏھن شھر جي اھڙي صورتحال ھجي ۽ ان تي مڪمل خاموشي ئي ھجي ته افسوس ئي ڪري سگھجي ٿو.