سکر: يونيورسٽيءَ جي رجسٽرار زاھد کنڊ موجب انهن ڇوڪرين کي يونيورسٽي ۾ لڳل ڪيمرائن وسيلي ڳوليو ويو ۽ انهن کي حسين صديقي جي آفيس طرف ويندي ڏٺو ويو جنهن بعد حسين صديقي ڏانهن فونن جي سي ڊي آر ڪڍرائي وئي. جاچ سکر پوليس معرفت ڪئي وئي. سي ڊي آر ۾ فون ٽريس ٿيڻ بعد ان ڇوڪري سان رابطو ڪيو ويو جنهن ٻڌايو ته هن اهو سڀ ڪجهه حسين صديقي جي چوڻ تي ڪيو.