ٽوڪيو (انٽرسٽنگ نيوز) دنيا ۾ اهڙا به ماڻهو آهن جن تي قسمت جي ديوي مهربان آهي۽ مهربان به اهڙي جو موت به ڪيترائي ڀيرا رستو مٽائي گذي وڃي ٿي. هڪ اهڙو ئي خوش قسمت ماڻهو ٽوٽومو ياما گوچي آهي. جنهن جي ڪهاڻي ايتري ته ناقابل يقين آهي، جو ڪنهن فلم ۾ به ڏسي يقين نٿو اچي پر اهو حقيقي داستان آهي. ناگا ساڪي جو رهواسي ٽوٽو مو ياما گوچي هيرو شيما ويو ته اتي ان جي موجودگي ۾ ايٽم بم ڦاٽو، ان حادثي ۾ ان جي جسم جو ٿورو حصو سڙيو پر معمولي علاج کانپوءِ هو صحتمند ٿي ويو. واپس پنهنيج شهر ناگاساڪي پهتو ته ٽئين ڏينهن ناگاساڪي ۾ به ايٽم بم جو حملو ٿيو، هن ڀيري به هو مڪمل طور صحيح سلامت رهيو. هيرو شيما ۽ ناگا ساڪي ۾ ٿيندڙ دنيا جي ان عظيم سانحي کانپوءِ ٽوٽومو ياما گوچي ڪيترائي سال جيئرو رهيو ۽ ڪراڙپ ۾ ان جو نمونيا سبب ٿيو.