سکر (بيورو رپورٽ) شھيد صحافي جان محمد مھر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف صحافين پاران ڪئمپ تي احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي صحافين جو چوڻ هو ته  شھيد جان محمد مھر کي 13 آگسٽ 2023 تي شھيد ڪيو ويو، ھن وقت  تائين پوليس قتل ڪيس ۾ ڄاڻايل ڪنھن به مک قاتل کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ احتجاجي مظاھرا، ڌرڻا ھنيا پيا وڃن پر نگران حڪومت نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي، هنن چيو ته اختياريون خاموش تماشائي وارو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ پوريون آھن، ھنن مطالبو ڪيو ته جان محمد مهر جا قاتل گرفتار ڪري وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.