اڏيرولال (ن پ ا) اسلام آباد پوليس پاران بلوچ نياڻين ۽ ٻين تي ٿيل تشدد ۽ ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف اڏيرولال ۾ سوين بلوچ نوجوانن پاران شعيب جان بلوچ، سليم رضوان، عبدالرحمان بلوچ، فرقان درس، مراد هوت بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته بلوچستان ۽ سنڌ جي ماڻهن کي بيگناهه کنڀي گم ڪيو ويو آهي، کين آزاد ڪيو وڃي.