ثريا مخدوم: ڀلي ڄائي مارئي، جنهن مارُو ملهايا

0
38
ثريا مخدوم: ڀلي ڄائي مارئي، جنهن مارُو ملهايا

سـَـــوَ سـِــــرَن پائي، جي تند برابر توريان،

اُٽل اوڏانهين ٿئي، جيڏانهن ٻيجل ٻـُــرائي،

سـَــکــڻـو هڏ آهي؛ سـِــر ۾ سـَـڃـڻ ناهه ڪي.

(ڀٽائي- سر سورٺ)

                 ھوءَ ننڍپڻ کان ئي ايڪٽوسٽ ھئي. سوشل ميڊيا جو دور ته ھو ڪونه، سو گھڻو ڪري سرگرمين لاءِ ميدان ۾ پاڻ وڃڻو پوندو ھو. هوءَ جڏھن سنڌ يونيورسٽي پھتي ته علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار وٽ لڳل يوڪلپٽس جي وڻن کان ٿيندي سينٽرل لائبريري جي شيلفن تائين ھر پاسي جيئي سنڌ جو رومانس ھو. ھوءَ به ان رومانس ۾ رڱجي وئي. سنائي سيد جي فڪر کان متاثر ٿي جيئي سنڌ جي سرگرم ڪارڪن بڻجي وئي. ان وقت جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو صدر شاھ محمد شاھ هو، جڏھن ته شاگرد يونين ۾ عزيز ڀنڱوار ۽ يوسف جکراڻي جي قيادت ھئي. جنرل باڊيز ۾ شاندار آواز ۾ ڪلام ٻڌائيندڙ سندس ڀاءُ زاھد مخدوم جونيئر ھو.1979 ع شاگرد يونين جي چونڊن جو آخري سال ھو. متارو ڏاھري آخري شاگرد يونين جو جنرل سيڪريٽري بڻيو. ١٩٧٨ع ۾ جيئي سنڌ جي شاگردن ۾ به ڏڦيڙ ھو. شاھ محمد شاھ آرگنائيزنگ باڊي ٺاھي، جنھن ۾ اختر ڪاڪيپوٽو، ڊاڪٽر نذر جوڻيجو، قادر جتوئي ۽ ٻي سنگت ھئي. جڏھن ته ۾ به مولابخش لغاري ۽ ٿيٻا برادران يونٽ ۾ سرگرم ھئا.

عبدالواحد آريسر صاحب انھن ڏينھن ۾ سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڄامشوري ۾ بدين واري لال چانڊيي صاحب جي سي ٽائيپ ڪوارٽر ۾ اچي رھندا ۽ پنھنجي مزاج موجب فڪري ۽ سياسي نشستون ڪندا ھئا. ثريا مخدوم به اتي ايندي ھئي ۽ فڪري بحث مباحثن کي غور سان ٻڌندي ھئي. ھڪ ڏينھن پرس مان ھڪ ڪاڳر ڪڍي آريسر صاحب کي پيش ڪيائين. ان ڪاڳر ۾ ھوءَ حفيظ پيرزادي کي اسماعيل وساڻ پاران لڳل چماٽ تي ھڪ نظم لکي آئي ھئي. جيتوڻيڪ مان سياست توڙي ھر ميدان ۾ عدم تشدد جو وڪيل آھيان، پر ان وقت هن واقعي جا وڏي رومانس سان حوالا ڏنا ويندا هئا.

ٽنڊي آدم لڳ ڳوٺ وھاب شاھ جا ٻه سيد ٻار به ان وقت سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندا هئا، جيڪي اڳيان ھلي جج بڻيا. انھن مان ھڪ سائين ارشاد شاھ به ان چماٽ تي ھڪ نظم لکيو ھو، جيڪو ‘اڳتي قدم’ رسالي ۾ ڇپيو ھو ۽ ان وقت ان رسالي جون ھزارين ڪاپيون سيل ٿيون ھيون. وفا ۽ جفا فردن سان گڏوگڏ خاندانن ۾ به ائين گھر ڪندي آهي، جيئن تخم- رت، جنھن کي genetics چئبو آھي. وري انھن خاندانن ۾ ڪي گھر اھڙا، جيڪي بنا ڪنھن ڏيکاءَ جي بس پنھنجي ڪار وھنوار ۾ وطن لاءِ پيا کِجندا آهن. درٻيلي جو مخدوم خاندان به ان جو اعليٰ مثال آھي، جنھن جي فردن، خاص طور تي زاھد مخدوم، احمد مخدوم، ثريا مخدوم، خالد مخدوم سنڌ لاءِ پتوڙيو. انھن مان ادي ثريا مخدوم به ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي آھي. جنهن کي لطيف سرڪار جي هنن لفظن جي ڀيٽا ڏيان ٿو: “ڀلي ڄائي مارئي، جنهن مارو ملهايا”.

سندس سياسي ۽ سماجي تعارف ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي باني ميمبر، ماضيءَ جي شاگرد ليڊر، انگريزيءَ جي استاد، سنڌ ۽ خاص طور تي ڪراچيءَ جي علمي، ادبي ۽ ثقافتي پروگرامن جي سونھن ۽ سدائين سنڌ لاءِ لوچيندڙ سوچيندڙ وطن جي نياڻيءَ وارو ھو. 16 جون تي جنم وٺندڙ ثريا مخدوم 25 مئي تي لاڏاڻو ڪري وئي. مونکي سبين محمود تي لکيل وسعت الله خان جي ڪالم جو عنوان “زندگي بس ايڪ بالشت ڀر هي تو هَئي” ياد اچي ويو. معنا ته زندگي ۾ ڄمڻ ۽ مرڻ جي وٿي ھڪ بالشت جيتري آھي.

سنڌ جي روايتي خاندان ۽ مجموعي وڏيرڪي سماج جي ھن غير معمولي ٻارڙيءَ جي، ڊڀري جي مخدوم خاندان ۾ جنم وٺڻ وقت ڪنهن اهو سوچيو ئي نه ھوندو ته سندس نصيب ۾ اھڙي اورچ رضاڪاري لکيل آھي، جيڪا کيس اڳيان ھلي اھڙو ڪردار آڇيندي، جنھن ۾ عورتن جي حقن، سنڌ جي خودمختياري ۽ وطن جي مالڪيءَ جي ڪيس جو رول ماڊل تحرڪ ھوندو. سنڌ سان ھن حياتي جي آخري گهڙين تائين ملھايو. شاگرديءَ واري دور کان وٺي پرڏيهه ۾  سيٽل ٿيڻ ۽ وري اچي سنڌ وسائڻ تائين ھن وطن لاءِ پنھنجي حصي ۽ وس آھر مثالي ڪردار ادا ڪيو.

ثريا مخدوم سنڌ جي ويجھي ماضيءَ جو ھڪ بھترين قومي ڪردار ھو، جنھن شاگردي واري زماني ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي سياست ۾ ھڪ متحرڪ ۽ مدبراڻو ڪردار ادا ڪيو. ھن ان دور ۾ جيئي سنڌ جي مختلف شاگرد ڌڙن کي ملائي متحد رکڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. حفيظ قريشي جونيئر لکيو آھي ته سائين جي ايم سيد ثريا جي ڪيل تجزئي کي تمام گھڻي اھميت ڏيندو ھو. جڏھن ضياءَ مارشل واري دور 1978ع ۾ ايم سي ۾ خادم لاکير شاگرد يونين جو آخري عھديدار طور چونڊجي آيو ۽ ان تي ڊاڪٽر نظر محمد جوڻيجي ۽ ٻين قومپرست شاگردن جو گروپ سخت ناراض ٿيو ۽ خادم لاکير تي غير سنڌين سان لابنگ ڪري چونڊجڻ جو الزام لڳايو ويو. ان ۾ ڪو شڪ ڪونھي خادم لاکير آريسر صاحب جو مک شاگرد ھو، جيڪو ھن جي انداز ۾ تقرير ۽ تحرير ڪري ۽ لکي سگھندو ھو. اليڪشن کٽڻ واري ان رات شاگرد بسون ڀري سن پھتا ھئا. انهن ۾ ميڊم ثريا مخدوم به شامل ھئي. اتي سائين جي ايم سيد چونڊ ماڻھن کي ٻڌڻ کان پوءِ آخري راءِ ميڊم ثريا مخدوم جي ورتي ۽ پوءِ ان کي بھتر راءِ قرار ڏنائين. ثريا مخدوم به سنڌ جي ڪيترن ئي عاشقن وانگر سنڌ جي خوشحالي ۽ آجپي جا خواب اکين ۾ کڻي اسان کان موڪلائي وئي.

مون ڏٺو آھي ته بي چين روح گھڻ رخي شخصيت ھوندا آھن.Multitasking  سندن  روح ۾ رچيل ھوندي آھي- اھڙا ڪردار ھر ڳالھ ۾ آئيڊيلزم جي تلاش ۾ ھوندا آھن. بالڪل ائين ئي مرحومه ثريا مخدوم جي شخصيت جا به ڪيترائي پاسا ھئا. بنيادي طور تعليم سان وابستگي، پوءِ سنڌ جي اشوز ۾ دلچسپي وٺي سياست ۾ آمد، وري سماجي ڀلائي، علم ۽ ادب ڏانھن واپسي. سنڌيت جو جذبو سندس روح ۾ ھو، جيڪو مرڻ گھڙي تائين سندس شخصيت جي سڀني پاسن تي حاوي رھيو. سنڌ يونيورسٽي مان انگريزي شعبي ۾ ڊگري وٺڻ کان پوءِ مهراڻ يونيورسٽي ۾ انگريزي پڙهائڻ شروع ڪيائين. ان دوران لنڊن وڃڻ ٿيو ته پوءِ لنڊن جي ئي ٿي وئي پر  اتي به ورچي نه ويٺي ۽ انگلستان ۾ سنڌين جي نمائينده فورم ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي بنياد وجھڻ واري باني سفر جي ساٿياڻي بڻي. اھو ھڪ غيرمعمولي ڪم ھو. ان شاندار فورم کي جوڙڻ ۾ سندس ذاتي ھمٿ، جذبي ۽ صلاحيتن جو وڏو ڪردار ھو. ھتي به  ليڪچرار ٿيڻ کان پوءِ ثريا مخدوم مھراڻ يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسئيشن (MUTA)  جي پھرين صدر چونڊجي وئي. انگلينڊ لڏي وڃڻ کان پوءِ به ھن معلمه وارو سفر جاري رکيو ۽ برمنگهم سيڪنڊري اسڪول ۾ 15 سالن تائين استاد طور تدريس جو عمل جاري رکيائين. اڳيان ھلي اھو فورم ڌڙابندي جو شڪار ٿيو، جنھن ۾ ڊاڪٽر منور ھاليپوٽو الڳ ٿي غير متحرڪ ٿيندو ويو ۽ لکو لوھاڻو، ھدايت ڀٽو، روبينا شيخ، حليم ڀٽي ۽ ٻيا ھڪ پاسي ٿي اڄ ڏينھن تائين ان اھم فورم کي متحرڪ رکندا اچن. جيستائين سنگت ھڪ ھئي ته مونکي ثريا مخدوم سان 1998-2003 تائين ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي سالياني اجلاسن ۾، مختلف ڪانفرنسن ۾ تفصيلي ملاقاتن جو موقعو مليو. ٻڌڻ وارا ماڻھو ذھين ھوندا آھن. ھوءَ اسان جا ڀاشڻ پئي ٻڌندي ھئي، ڳالھائيندي گھٽ ھئي. پوءِ مختلف پليٽ فارمن تان ھن سنڌين لاءِ ڪيترائي سماجي ۽ فلاحي ڪم به ڪيا. مون ادي ثريا مخدوم کي سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪراچي ۽ ٻين ادبي، سماجي ۽ ثقافتي ۾  به سرگرم ڏٺو. آرٽس ڪائونسل ۾ به باضابطا حصو وٺڻ لڳي.

برمنگھم ۾ انگريزن کي انگريزي پڙهائيندڙ سنڌ ڄائي ثريا مخدوم نه رڳو لنڊن پر پوءِ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي فورمن ۽ سيمينارن ۾ ڪانگريس ۽ سنڌ جي انساني حقن جي ڪيس جي نمائندگي ڪندي رھي. ھيومن رائٽس ڪميشن جنيوا توڙي اصلوڪن ماڻھن جي indigenous peoples forums ۾ سنڌ جو سياسي ڪيس پيش ڪندي رھي. سندس سنڌ سان  وفاداري جي محبت کي مان ڏيندي کيس جي. ايم. سيد ميموريل ايوارڊ سان به نوازيو ويو. پنهنجن شھزادن ڀائرن خالد مخدوم ۽ احمد مخدوم جي لاڏاڻي کان پوءِ ھوءَ وڏي عرصي کان سنڌ ۾ رھيل ھئي پر ھت به ادبي ميڙاڪن، اياز ميلي ۽ ٻين تقريبن ۾ باقاعدي شرڪت ڪندي نظر ايندي ھئي. جڏھن اڃان فيس بڪ، ٽوئيٽر، انسٽاگرام وغيره نه ھئا ته ٻاھرين دنيا ۾ موجود سنڌ دوستن سان گھڻو ڪري بحث مباحثن جو مرڪز اي ميلز تي ٺھيل نيٽورڪنگ گروپس ھوندا ھئا، جن ۾ سنگاپور ۾ ويٺل احمد مخدوم صاحب بھترين انگريزي ۾ سنڌ بابت ويچار ونڊيندو هو. احمد مخدوم صاحب به سخت گرمين ۾ طبيعت ناساز ٿيڻ ڪري درٻيلي مان سکر وڃي ايڏمٽ ٿيو ۽ اتي ئي دم ڌڻي حوالي ڪيائين. ان وڇوڙي ثريا کي لوڏي ڇڏيو. ھوءَ پنھنجي وڏي ڀاءَ جي وفات کان پوءِ گهڻو وقت سنڌ  ۾ درٻيلي ۾ گذارڻ لڳي ۽ انھيءَ مند ۾ ئي پنھنجو دم به ڌڻي حوالي ڪيائين.

ثريا مخدوم ته پنهنجي بابت ڪجھ نه لکي سگھي پر سنڌ جي ھمعصر سياسي سماجي تاريخ جي ھن گمنام سپاھي جي سياسي، سماجي ۽ ادبي تحرڪ کي ڪو ته  قلمبند ڪندو. ڪڏھن ڪڏھن ڪي دور، فردن سان سلهاڙيل/لاڳاپيل ھجڻ ڪري انهن سان گڏ ئي مڻين مٽيءَ ۾ دفن ٿي ويندا آهن، پر ھمعصر دوست، ساٿي اھو دور سھيڙي ڪجھ نه ڪجھ ڊاڪيومينٽ ڪري سگھن ٿا. خاص طور تي  ثريا مخدوم کي ڊاڪيومنٽ ڪرڻ گھرجي. ھوءَ پنهنجي ذات ۾ هڪ متحرڪ ۽ سنڌي سماج کي پنهنجو حصو ڏيندڙ ھڪ منفرد سنڌي عورت ھئي. زرار پيرزادي لکيو آھي ته، ثريا سنڌ جي تاريخ جو هڪ الڳ باب آهي، جنهن کي سنڌ جي مجموعي تاريخ جو حصو بڻائڻ جي ضرورت آهي، نه ته هيءَ به پسمنظر ۾ هلي ويندي، جنهن سان متحرڪ سنڌي عورتن جي تاريخ جي هڪ ڪڙي ٽُٽي ويندي، جيڪا شايد پوءِ ڪڏهن به ڳنڍجي نه سگهي.

سنڌ پنھنجي ھڪ فخرلائق نياڻي، تعليمدان، سنڌ ۽ دنيا ۾ سنڌ جو ڪيس بھادريءَ سان پيش ڪندڙ نياڻيءَ جي وڇوڙي تي ڏکاري آھي. ھن جي سنڌ سان محبت ۽ وفا ھميشه احترام سان ياد ڪئي ويندي. سندس لاڏاڻو سنڌ وارن لاءِ جيءُ جهوريندڙ آھي.

اڙي موت ميار، ايڏو ساڙُ سڳنڌ سان!