توکي ساريندي سڄڻ

0
697

3 مئي 2015ع اهو ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن تي چوٿين دنيا جي دانشور سنڌ جي هڪ مها ڏاهي ۽ عظيم قوم پرست اڳواڻ جي دماغ سوچڻ ڇڏي ڏنو. اهو عظيم انسان 11 آڪٽوبر 1949ع تي ٿر ۾ جادم آريسر جي گھر ۾ جنم وٺندڙ عبدالواحد آريسر آهي. عبدالواحد آريسر کي مائٽ غربت سبب ڪابه اعلى تعليم نه ڏياري سگھيا. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ حاصل ڪيائين، غربت سبب مائٽ هن کي ڀينڊي جي مدرسي ۾ داخل ڪرائي آيا جتي هن پنهنجي محنت ۽ شوق سبب عربي فارسي ٻولي ۾ چڱو عبور حاصل ڪيو. مدرسي ۾ پڙهڻ دوران هن کي سائين جي ايم سيد جو ڪتاب “موجوده سياسي مسئلا” پڙهڻ لاءِ مليو، جنهن کيس ڪافي متاثر ڪيو. 1968ع ۾ سائين جي ايم سيد جو ڪتاب “جئين ڏٺو آهي مون” ڇپيو، انهيءَ تي مولوين سائين خلاف فتوى ڏني، اهو ڪتاب ڀينڊي مدرسي جي عالمن وٽ پڻ فتوى لاءِ آيو. مدرسي ۾ ڪتاب تي بحث دوران عبدالواحد آريسر ڪتاب جي فائدي ۾ ڳالهايو، انهيءَ تان سزا طور مدرسي مان کيس نيڪالي ڏني وئي. انهي کانپوءِ هو حيدرآباد ۾ ڊومڻ واهه روڊ تي مسجد ۾ پيش امام ٿيو. انهيِءَ دور ۾ هن پيغام رسالو ڪڍيو. رسالي ۾ ان وقت جي سنڌ جي وزير اعلى خلاف مضمون ڇپڻ ڪري مٿس سرڪار ڏمرجي پئي ۽ ھو مسجد جي پيش امامي ڇڏي روپوش رهڻ کان پوءِ سن جي سيد جو طالب ٿيو. اهو 25 سيپٽمبر 1972ع جو ڏينهن هو. جيئي سنڌ محاذ ۾ شامل ٿيڻ کان پهريون عبدالواحد آريسر جمعيت علماءِ اسلام ۾ شامل هو. مفتي محمود جي حيدرآباد واري جلسي لاءِ آريسر کي استقبالي خطبو پڙهڻ لاءِ چيو ويو. آريسر صاحب استقبالي خطبي ۾ سنڌ جي ٻولي واري مسئلي تي ڳالهائيندي اڃان ايترو چيو ته اردو نه ته اسلام جي ٻولي آهي ۽ نه ئي تحريڪ پاڪستان جي، ته کيس جلسي جي انتظاميا ٻانهن مان جهلي اسٽيج تان لاهي ڇڏيو. اها تقرير پوءِ پيغام رسالي ۾ پڻ ڇپي. سن جي سائين جي ايم سيد جي شخصيت کان متاثر ٿيڻ جو سبب پاڻ جمعيت علماءِ هند جي جنرل سيڪريٽري مولانا احمد سعيد دهلوي جي ڪتاب، جنهن ۾ هن سنڌ جي سياستدان جي ايم سيد جي لکڻين جو حوالو ڏيڻ لکيو اٿس. 1972ع ۾ سائين جي ايم سيد طرفان ٺاهيل سياسي پارٽي جيئي سنڌ محاذ ۾ شامل ٿيو ۽ 1977ع کان 1992ع ۽ 1993ع کان 1995ع تائين ان جو پهرين ڪنوينر ۽ پوءِ صدر رهيو. 1995ع ۾ سائين جي ايم سيد جي وفات کان پوءِ ٻين قوم پرست تنظيمن سان گڏجي جيئي سنڌ قومي محاذ جو بنياد رکيو ۽ پاڻ ان جو پهريون صدر ٿيو. ساڻس جيئي سنڌ محاذ جي ڪجھه دوستن اختلاف رکندي جيئي سنڌ محاذ کي عبدالخالق جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ قائم رکيو. جيئي سنڌ قومي محاذ ٺهڻ کانپوءِ بشير قريشي ۽ آريسر ۾ اختلاف ٿيا، انهن اختلافن جي نتيجي ۾ پاڻ الڳ جيئي سنڌ محاذ جو ڌڙو قائم ڪري ان جو صدر ٿيو ۽ زندگي جي آخري گھڙي تائين قومي تحريڪ جي اڳواڻي ڪندو رهيو.
عبدالواحد آريسر نه صرف سياسي اڳواڻ هو پر هو اعلى پائي جو اديب پڻ هو. سندس مختلف موضوعن تي لکيل ڪتابن جو تعداد ٻن ڊزن کان وڌيڪ آهي. انهن ۾، سر ۾ سانجھي وير، وريا واهرو، ترم يا ترا، ماڙين ماريس ڪين ڪي، اسان جيئن جيئي ڪوئي،۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن. سر ۾ سانجھي وير، ۾ سنڌ جي انهن گمنام ويڙهاڪن جو ذڪر آهي، جن ارغونن ۽ مغلن کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ ويڙهه ڪئي. اها حقيقت آهي ته ارغونن ۽ مغلن خلاف ڪنهن به تنظيم ۽ مرڪزي قيادت هيٺ هٿيار بند ويڙهه جو ذڪر نٿو ملي. پر ان وقت سنڌين ڇڙوڇڙ جنگ جو طريقو اختيار ڪيو. انهن ڇڙوڇڙ ويڙهن جي متعلق لکيو اٿس ته، اها سنڌي عوام جي ڇڙوڇڙ جنگ ئي هئي، جنهن مغل شاهي کي ايترو ته ڪمزور ڪري ڇڏيو، جو ان ڪمزوريءَ مان فائدو وٺي، نه صرف سنڌي عوام ڪلهوڙن جي دور ۾ آزادي حاصل ڪئي، پر پنجاب، بنگال، دکن ۽ ميسور جي عوام به مغل آقائيت کان پنهنجي جان آزاد ڪرائي. هن ڪتاب لکڻ جو سندس خاص مقصد اهو ٻڌائڻ هو ته آقائن طرفان لکيل تاريخ ۾ سنڌين کي چور، ڌاڙيل ۽ ڦورو لکيو ويو آهي، حقيقت ۾ اهي ڌارين کان آزادي ماڻڻ لاءِ وڙهندڙ قومي هيرا هئا. ڪتاب ۾ اهڙن ڪافي قومي هيروز جو ذڪر ڪيل آهي.
آريسر صاحب سندس ڪتاب “وريا واهرو” ۾ لکي ٿو ته “ڀٽ ڌڻي جو رسالو آهي، جنهن جي هر سٽ ۾ اسان جي قسمت پاسا بدلائي رهي آهي، جنهن جي هر شعر ۾ اسانجي آزادي، ڪنهن ڪنواريءَ وانگر ڪر موڙي رهي آهي، جنهن جي هر بيت ۾ اسان جو مستقبل، ڪنهن تندرست ٻار وانگر مرڪي رهيو آهي، جنهن جي هر وائي ۾ اسان جي روشن تحريڪ ۽ تاريخ هرڻي وانگر ڇال ڏئي رهي آهي”. اها حقيقت آهي ته اسان جي سماج ۾ ڀٽ ڌڻي جي ماضيءَ قريب تائين هڪ پير، اولياءَ جي حيثيت رهي آهي. سڀ کان پهرين سائين جي ايم سيد “ پيغام لطيف ” لکي سيد کي سنڌ دوست ۽ قومي شاعر ثابت ڪيو. آريسر صاحب پڻ انهيء ڳالھه کي اڳتي وڌائيندي لطيف سائين جي فڪر تي نئين رخ کان لکيو آهي. جنهن ۾ هن لطيف کي محب وطن، آزادي پسند، مظلومن جو حامي، جبر ۽ ڏاڍ اڳيان ڪنڌ نه جهڪائڻ جو سبق ڏيندڙ، انفراديت بجاءِ اجتماعيت پسند ثابت ڪيو آهي. عبدالواحد آريسر مولانا ابوالڪلام آزاد کان تمام گهڻو متاثر هو آريسر صاحب مولانا آزاد جي هڪ لکڻي جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته “اصول مقصدن لاءِ آهن ۽ مقصد اصولن واسطي نه آهن. دنيا جو هيءَ سچو ۽ قدرتي قانون آهي ته هر وڏي شيءَ لاءِ ننڍي شيءَ کي، هميشه مقصدن لاءِ وسيلن کي قربان ڪرڻ گهرجي”. آريسر جي سياسي ۽ ذاتي زندگي تي نظر وجهڻ سان اها ڳالهه صاف چٽي نظر اچي ٿي ته هو، مولانا آزاد جي انهيءَ ڳالهه تي عمل ڪندي نظر اچي ٿو ۽ هن اهو ثابت ڪيو ته جيڪڏهن مقصد سان سچائي آهي ته سياست بنا وسيلن جي به ڪري سگهجي ٿي. آريسر 1977ع کان قومي تحريڪ ۾ هڪ اهم اڳواڻ جي حيثيت ۾ نظر اچي ٿو. هن جي سڄي سياسي دور ۾ هن تي ڪنهن به قسم جو الزام نه لڳو. آخر ۾ جڏهن بيماري جي حالت ۾ اسپتال ۾ داخل هو ته ملاقات لاءِ ايندڙ ڪارڪنن کي هن چيو ته “مون پنهنجي دامن تي لوڀ ۽ لالچ جو ڪو به داغ ناهي ڇڏيو. هينئر آئون آريسر آهيان ۽ مرڻ کان پوءِ مٽي ۾ ملي سنڌ ٿي ويندس”. خاص ڪري سائين جي ايم سيد جي وفات کانپوءِ هو تحريڪ جو اهم ۽ مکيه اڳواڻ هو. سائين امير حيدر شاهه چوندو هو ته اسين سائين جي ايم سيد جي ذاتي ورثي جا وارث آهيون، جڏهن ته سائين جو سياسي وارث عبدالواحد آريسر آهي. خبر نه آهي ته ڇو آريسر اها سياسي وارث واري حيثيت گهڻو وقت برقرار رکي نه سگهيو. جلدي قومي هلچل ڌڙا بندي جو شڪار ٿي ڪنهن مرڪزي ۽ فيصلا ڪن قيادت کان محروم ٿي وئي. آريسر پاڻ پوئتي هٽيو يا هن کي انهيءَ قدم کڻڻ تي مجبور ڪيو ويو. ڇا آريسر اهو فيصلوقومي تحريڪ جي وسيع تر مفاد ۾ کنيو. اهو فيصلو تاريخ ۽ وقت تي ڇڏيون ٿا. آريسر صاحب جون جيل ڊائريون، ترم ياترا، اسان جيئن جيئي ڪوئي ۽ ماڙين ماريس ڪين ڪي، سنڌ جي قومي تحريڪ جي تاريخ بيان ڪن ٿيون. انهيء کان علاوه ٻيا ڪتاب سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ حقن جي حاصلات لاءِ هڪ مشعل راھه آهن. آريسر صاحب سڄي زندگي جي ايم سيد جي انهيءَ قول تحت گذاري ته “ قومي ڪارڪن کي با ڪردار هئڻ گھرجي”. آريسر صاحب سنڌ ۾ نسل پرست سياست جو مخالف رهيو ۽ جڏهن سنڌ ۾ سنڌي مهاجر جهيڙا ڪرايا ويا ته ان وقت به هن اهو واضح چيو ته جيڪڏهن جبرائيل فرشتو به منهنجي ڪن ۾ اچي چوي ته سنڌي مهاجر جھيڙو سنڌ جي فائدي ۾ آهي ته آئون ان جي به ڳالھه نه مڃيندس. ڇاڪاڻ جو آريسر اهو سمجهيو ٿي ته سنڌ ۾ ارتقائي عمل (Evolutionary Process) جي ڪري هڪ نئين ثقافت جنم وٺي رهي آهي ۽ اها حقيقت ته ڪنهن به معاشري ۾ جاگرافيائي طرح هڪجهڙائي (Homogenecty) وٺڻ ۾ صديون لڳن ٿيون ۽ جيڪڏهن انهيءَ عمل کي ٽوڙيو ويو ته وري ٻيهر انهيءَ ارتقائي عمل کي جوڙڻ ۾ وقت لڳندو. هن ڌرتي تان ڪنڊا، ميڙي گل پوکڻ ٿي چاهيا. آريسر جي انهيءَ خواب جي ساڀيان لاءِ اهو ضروري آهي ته اسان سنڌ ۾ ڌارين جي ايندڙ لوڌ جي رستا روڪ ڪريون.آريسر صاحب کي تحرير سان گڏ تقرير تي پڻ عبور هوندو هو. هو جڏهن تقرير ڪندو هو ته ايئن لڳندو هو ته ڄڻ ڪارونجهر مٿان ٻڪراس وراڪا ڏيندي هجي ۽ هن جي زبان مان لفظ ايئن نڪرندا هئا جيئن سانوڻي ۾ وڏ ڦڙو وسندو آهي.آخر ۾ آئون شيخ اياز جي انهن لفظن سان آريسر کي ڀيٽا پيش ڪريان ٿو، جيڪي هن سندس ڪتاب چانڊوڪيون ۽ چيٽ پڙهڻ کان پوءِ پنهنجي ڪتاب “ ڪراچي جا ڏينهن ۽ راتيون” ۾ لکيا. شيخ صاحب لکي ٿو ته آريسر جون هي سٽون پڙهڻ آئون ڇرڪي ويس ته “آئون پر امن غلامي بدران خطرن سان ڀرپور آزادي پسند ڪريان ٿو”.