لنڊن(م ڊ) مريم نواز جو ارشد شريف موت جي حوالي سان سوالن جو جواب نه ڏنو. مريم نواز نواز شريف ۽ ٻين سان گڏ حسن نواز جي آفيس کان نڪري رهي هئي ته ان موقعي تي صحافين سوال ڪيو ته توهان جي دور ۾ ارشد شريف تي بغاوت ۽ غداري جا ڪيس داخل ڪرايا ويا سندس حفاظت ڇو نه ڪئي وئي؟ مريم نواز مسڪرائيندي رهي ۽ ڪو جواب ڏيڻ کانسواءِ گاڏي ۾ ويهي رواني ٿي وئي.