تنگواڻي: ڏائڻ ارڙي موت بڻيل، 2 معصوم حياتيون ڳڙڪائي وئي

0
169
پنوعاقل ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت
پنوعاقل ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت

تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي ويجهو ڏائڻ ارڙي رُڪجي نه سگهي، وڌيڪ 2 معصوم حياتيون ڳڙڪائي وئي، ڳوٺ کنڊو نندواڻي ۾ 4 سالن جي نينگري صنم ڌيءُ اسلم نندواڻي ارڙي وگهي فوت ٿي وئي، هوڏانهن ڳوٺ خان محمّد گجراڻي ۾ به 2 ورهين جي جيجل ڌيءَ قربان گجراڻي ارڙي وگهي فوت ٿي وئي، تعلقي اندر فوتين جو انگ وڌي 24 ٿي ويو، جڏهن ته ساڳي ڳوٺ ۾ ڪيترائي ٻارڙا ارڙي وبا ۾ مبتلا آهن، سرڪاري اسپتال ۾ وارڊ وغيره قائم نه ٿيڻ سبب پرائيويٽ اسپتالون معصوم ارڙي مبتلا ٻارڙن سان سٿيل آهن.