تلهار(رپورٽ: صديق ٿيٻو) تلهار ۾ نجي اسپتال ۾ مبينه غلط انجيڪشن لڳڻ سبب 6 ٻارن جي ماءُ لالي ڪولهڻ  فوت، وارث عورتن ۽ مردن پاران نجي اسپتال سامهون  لاش رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي فوتڻ جي مڙس وينجهو ڪولهي دانهيندي چيو ته اسان غريب آهيون اسان سان انصاف ڪيو وڃي، غلط سئي لڳڻ سبب منهنجي گهر واري فوت ٿي ويئي آهي ،بعد ۾ احتجاج ڪندڙن سان مختيارڪار تلهار آصف رضا سومرو ايس ايڇ او تلهار يعقوب جاکرو ڳالهيون ڪري واقع جي اين سي داخل ڪرائڻ  بعد احتجاج ختم ڪرائي ڇڏيو،ٻئي طرف نجي اسپتال جي مالڪ ڊاڪٽر آصف ميمڻ ٻڌايو ته هي منهنجا مريض آھن ڪافي عرصي کان هتان ئي علاج ڪرائيندا رهندا آهن، ڪڏھن مسئلو ناهي ٿيو، ٽي ڏينهن اڳ مون وٽ مريض کي وٺي آيا هئا، جنهن کي بخار هو، هتان علاج ڪرائي ٻئي هنڌ هليا ويا هئا، گذريل ڏينهن آيا ته مون هنن کي حيدرآباد ريفر ڪري ڇڏيو، منهنجي خلاف اجائي واويلا آهي، جڏھن ته مختيار ڪار تلهار چيو ته آئون سموري معاملي جي رپورٽ جوڙي ڊي سي بدين کي موڪليندس، جنهن بعد انڪوائري ٽيم جوڙي اصل حقيقت پڌري ڪئي ويندي، جڏھن ته فوتڻ جي وارثن لاش بغير پوسٽ مارٽم جي کڻائي ويا.