حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تعليم کاتي جي گريڊ 17هين ۾ ھيڊ ماستر جي ملازمت لاءِ زباني امتحان ڏيندڙ اميدوارن جي نتيجن اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ ترجمان موجب زباني امتحان ۾ گڏيل طور 116 اميدوارن ڪاميابي ماڻي ۽ ايس پي ايس سي پاران ڄاڻايل کاتي ۾ خالي سيٽن بابت آگاھي لاءِ 2021ع دوران اشتهار ڏنو ويو ھو، جنهن بعد انٽرويوز لاءِ مجموعي طور 11 هزار 550 اميدوارن درخواستون جمع ڪرايون هيون جن کان لکت وارو امتحان 28 فيبروري 2024ع تي ورتو ويو جنهن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ 422 اميدوارن جا نتيجا 25 اپريل 2024ع تي جاري ڪيا ويا هئا ۽ کين گھربل ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي ھدايت ڪئي وئي هئي ته جيئن هو زباني امتحان ڏئي سگهن. ترجمان موجب لکت واري امتحان ۾ ڪامياب اميدوارن جا زباني امتحان ھلندڙ سال مئي ۽ جون ۾ ورتا ويا هئا جن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ اميدوارن جا حتمي نتيجا جاري ڪري تعليم کاتي کي هاڻي سندن مقرري جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته تعليم کاتي ۾ ڄاڻايل پوسٽن بابت جاري ڪيل نتيجن ۾ سمورين آئيني تقاضائن کي مڪمل ڪرڻ بعد 116 اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو جن ۾ 69 اميدوارن جو تعلق رورل ڪوٽا ۽ 47 اميدوارن جو تعلق شھري ڪوٽا سان آھي جڏهن ته ڄاڻايل گريڊ جون 4 سيٽس گھربل اميدوار نه ملڻ ڪري خالي ڇڏيون ويون آھن.