تعليمي نظام ۽ تجربا!

0
52
تعليمي نظام ۽ تجربا!

 سنڌ ماتا جي شعور تي ھر روز نوان تجربا هڪ معمول بڻجي چڪو آھي، سنڌ حڪومت جي تعليمي پاليسي تعليم بچايو، بجاءِ تعليم جي تباھي طرف قدم به قدم آھي.

                 بائيو ميٽرڪ سسٽم، ڪلسٽر اسڪولز، سيف، NCHD ۽ US-AID اسڪولز جيڪي سنڌ گورنمينٽ حوالي آھن، سڀ جا سڀ تجربا ڪرپشن جي ور چڙھي ناڪام رھيا.

                 ڪرپشن جي لڪائڻ ۽ IMF کي خوش ڪرڻ خاطر، سينيئر استادن کي فارغ ڪرڻ ۽ جونيئر استادن کي دٻاءُ ۾ آڻي سنڌ جي تعليم کي ھٿ وٺي تباھه ڪرڻ جو وري نئون فارمولو PMS بائيو ميٽرڪ ايپليڪيشن آندو ويو آھي جيڪو استاد ۽ تعليم دشمن پاليسي برابر آھي،تعليمي نظام مڪمل تباھه حال آھي ۽ 2010ع جي ٻوڏ ۽ ھاڻوڪي ٻوڏ بعد اسڪولز زبون حال ۽ انفرااسٽڪچر مڪمل تباھه آھي، سنڌ حڪومت ڪھڙا  اسڪول ٺھرائي ڏنا ۽ ٻھراڙي جي ڪيترن روڊن رستن تي ڪم ڪرايائون، اھو ھڪ سواليه نشان آھي.

                 حڪومت اسڪول بلڊنگ ته ڇا، نه فرنيچر نه وري تدريسي ڪتاب مھيا ڪري سگھي،70سيڪڙو کان مٿي ٻھراڙي جا اسڪول بلڊنگ(بشمول ٻوڏ متاثر شھر)  ناقابل استعمال آھن، ان باوجود استاد ته حاضر آھن پر اڃان تائين فرنيچر ۽ ڪتاب ناھن ملي سگھيا.ٻھراڙي جي گرلز ٽيچر جنھن تڪليف مان گذري پئي ان جو ته اندازو لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگھجي.پٽ تي پڙھائڻ ۽ بنا ڪنھن فرنيچر ۽ ڪتابن جي.20-30 ڪلوميٽر استاد موٽر سائيڪل تي ۽ استادياڻيون رڪشن تي ھن سيءُ ۾ ٽٽل ۽ تباھه حال رستن تي سفر ڪندي 8 بجي اسڪول پھچي غيريقيني موبائل نيٽورڪ ھوندي ايپ جو استعمال ڪري ڇا اھو ممڪن آھي؟ IMF جي خوشامد خاطر روز نون ناڪاره تجربن تعليمي نظام کي تباھه و برباد ڪري ڇڏيو آھي.

استاد آھي ته اسڪول ڪونھي ، اسڪول آھي ته وري استاد ناھن، بلڊنگ آھي ته سيميز ڪوڊ  ناھي، ڪٿي 100 ٻار ته هڪ استاد، ڪٿي 20 ٻار آھن  ته وري 5 استاد.ڪيئي اسڪول ( ايمنسٽي انٽرنيشنل مطابق) بند پيل آھن پر IBA ٽيسٽ پاس استادن کي انتظار جي آڙاھه ۾ اڇليو ويو آھي اھو آھي سنڌ حڪومت جو تعليمي نظام.نظام تعليم تباھه ۽ زور وري استاد تي.ٻين ڪھڙن ۽ ڪيترن محڪمن ۾ بائيو ميٽرڪ ايپليڪيشن آندو ويو آھي جو استاد ان جو پابند ھجي، يا صرف استاد ئي گوسڙو آھي باقي سڀ کير جا ڌوتل آھن؟

سيڪريٽريٽ کان وٺي عدليه تائين ڪھڙو بيوروڪريٽ ٽائيم تي آفيس ٿو پھچي ۽ ان جا ڪيترا ملازم بائيو ميٽرڪ تي حاضري ٿا ڏين اھو سيڪريٽري تعليم کي نٿو سجھي اڄ صرف استاد آزمائش ۾ آ، مطلب ته شعور دٻاءُ ھيٺ آھي ۽ نظام تي حقيقي توجھه ڪونھي.انھئ مان اھا مراد وٺي سگھجي ٿي ته ھٿ وٺي سنڌ جي تعليم کي تباھه ڪيو پيو وڃي، جڏھن ته سول سوسائٽي خاموش تماشائي ۽ سياسي پارٽيون چپ جي چادر اوڍي ان ۾ ڀاڱي ڀائيوار آھن.