تاريخي سيريز فوٽو … اتر آمريڪا کنڊ ۾ ڏکڻين حصي ۾ واقع ديس ميڪسيڪو … جاويد حالتي

0
71
تاريخي سيريز فوٽو ... اتر آمريڪا کنڊ ۾ ڏکڻين حصي ۾ واقع ديس ميڪسيڪو ... جاويد حالتي

 دنيا جو ڏهون نمبر وڏو ملڪ آبادي جي لحاظ کان  دنيا جو ٻيو نمبر ملڪ /شهر جتي سڀ کان وڌيڪ عجائب گهر آهن . دنيا جو سترهون نمبر وڏو تيل پيدا ڪندڙ ملڪ 13 هون نمبر دنيا ۾ وڏي ايراضي وارو ملڪ ۽ 13 هين وڏي معيشيت ٻه کرب 92 ارب ڊالر آهي .

                         دنيا جي ڇهين پراڻي تهذيب مايا /اولميڪ سان تعلق رکندڙ ملڪ ميڪسيڪو وٽ دنيا جا ٻي نمبر تي وڏا اهرام به آهن . قديم آثارن سهڻي بيهڪ سون ورنين ۽ ڦڪن سامونڊي ڪنارن سبب دنيا جا ڇهه ڪروڙ سياح ساليانو هي ديس گهمڻ ايندا آهن . ميسڪيڪو جي اتر ۾ آمريڪا .ڏکڻ-اولهه ۾ پئيسفڪ سمنڊ ڏکڻ -اوڀر ۾ گوئٽي مالا بيلائز ۽ ڪيريبن سمنڊ واقع آهي ۽ اوڀر ۾ گلف آف ميڪسيڪو اٿس . وڏن شهرن ۾ ميسڪيڪو سٽي . طولسا طجونا . سييوئيڊ لير ۽ پبولا شامل آهن .

                         ميسڪيڪو جنهن کي اسپين 16 صدي ۾ فتح ڪري ڪالوني بڻايو ۽ ٽن صدين تائين وائسراءِ مقرر ڪري هلايو . ۽ 19 صدي ۾ آزادي ماڻيائين . اسپين ۽ ڪيٿولڪ روم وارن عيسائيت کي پروان چڙهائڻ جي پڻ ڀرپور ڪوشش ڪئي . ميڪسيڪو . سرڪاري نالو يونائيٽيڊ ميڪسيڪن اسٽيٽ گادي جو هنڌ . ميڪسيڪو سٽي . سڪو. پيسو . ٻولي .اسپينش . قومي ڏينهن . 6 سيپٽمبر 1810 آزادي جو ڏينهن ۽ اسپين سندس جي آزادي کي 1821 ع ۾ تسليم ڪيو . ۽ اهو ڏينهن قومي موڪل به آهي . حڪومت . فيڊرل ريپبلڪ . نيوز ايجنسي . نوٽيميڪس چيف آف اسٽيٽ .صدر . سامونڊي ڪنارو . 9330 ڪلوميٽر ايراضي . 1972550 چورس ڪلوميٽر وڏي چوٽي . وولڪين پڪو ڊي اوريزبا . 5700 ميٽر پاڙيسري ملڪ . آمريڪا بيلائز ۽ گوئٽي مالا سامونڊي زمين ميداني زمين ۽ جزيره نما زمين سان آتش فشان وارو علائقو هئڻ ڪري هر قسم جي زمين به هتي آهي . رئو گرانڊي درياِء ڊيگهه 3 هزار ڪلوميٽر هن ديس جي زمين کي آباد ڪري ٿو . 1836 ۾ ٽيڪساس آزاد ٿي آمريڪا جو حصو بڻيو . 1968 ع جا اولمپڪ گيم هتي ٿيا .  اليڪٽرڪ ۽ صنعتي اوزار ۽ پرزا جات ٺاهيندڙ هي ديس پنهنجي حساب سان ٽيڪيل ملڪ آهي . ڪوڪا ڪولا ڊرنڪ جو وڏو پياڪ ملڪ به ميڪسيڪو آهي .

امن امان جي لحاظ سان جهيڙن جهٽن ۾ به ورتل صرف ان ڪري آهي جو هتان منشيات فروش آمريڪا جي ڊرگ مارڪيٽ تي حاوي ٿيڻ چاهين ٿا . سال 2026 جو فٽبال ورلڊ ڪپ به آمريڪا ڪينيڊا ۽ ميڪسيڪو گڏيل ڪرائي رهيا آهن ۽ ٽنهي ملڪن شاندار نوان اسٽيڊيم ٺاهڻ جا ڊزائين به جاري ڪري ڇڏيا آهن قوم جو ابو . Father of Nation . Miguel Hidalgo  جيڪو هڪ پادري هيو جنهن آزادي جي پرچار ڪري 300 سؤ سال کان مٿي عرصو قبضي ۾ هئڻ باوجود ديس آزاد ڪرايو … ڪاش سنڌ جي هر ڌرتي ڌڻي کي سمورن استحصالي قوتن خلاف جدوجهد ڪري سنڌ جي بهتري لاِء ڪجهه ڪرڻ گهرجي .