اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تاجڪستان جو صدر پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو، وزيراعظم هائوس ۾ گارڊآف آنر، وفدن جي سطح تي ڳالهيون، معاهدن ۽ يادداشتن تي صحيحون به ڪيون ويون، تفصيل موجب تاجڪستان جو صدر امام علي رحمان ٻن ڏينهن جي پاڪستان جي دوري تي پهتو ته وزيراعظم هائوس ۾سندس استقبال ڪيو ويو، اعظم شهباز شريف ۽ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن دوران ٻطرفن تعلقات، باهمي دلچسپي جي مامرن ۽ علائقائي مامرن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾معاهدن تي به صحيحون ڪيون ويون، جنهن کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته تاجڪستان جي صدر جو پاڪستان جو دورو اسان لاءِ فخر جوڳو آهي، تاجڪستان وچ ايشيا جو اهم ملڪ آهي، پاڪستان ۽  پاڪستان جا پراڻا لاڳاپا آهن، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪاسا 1000 منصوبي جي جلد مڪمل ٿيڻ جا خواهشمند آهيون،پاڪستان وچ ايشيائي ملڪن سان رابطن کي هٿي ڏيڻ چاهي ٿو، ان موقعي تي صدر امام علي رحمان چيو ته شاندار استقبال تي پاڪستاني وزيراعظم ۽ عوام جو شڪر گذار آهيان، پاڪستان سان تعلقات وڌائڻ چاهيون ٿا، تاجڪستان پاڪستان سان تعلقات کي خصوصي اهميت ڏئي ٿو، ڪاسا 1000 سميت ٻين منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ جا خواهشمند آهيون، هن چيو ته پاڪستان سان ملي دهشتگردي سميت ٻين چيلينجز سان منهن ڏينداسين، افغانستان ۾امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان سان ملي ڪم ڪنداسين،  ان کان اڳ تاجڪستان جي صدر کي مسلح فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.  ان موقعي تي پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾مختلف معاهدن جي يادداشتن تي صحيحون پڻ ڪيون ويون، تاجڪ صدر امام علي رحمان جي ايئرپورٽ پهچڻ تي واپار جي وفاقي وزير سيد نويد قمر استقبال ڪيو.