نئون ديرو(ن پ ا) شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 71 هين سالگره جي موقعي تي زيبيسٽ فائونڊيشن طرفان چهواڻ ڳوٺ ۾ مفت ميڊيڪل طبي ڪئمپ قائم ڪئي وئي. ميڊيڪل ڪئمپ تي پ پ ليڊيزونگ جي مرڪزي صدر ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر پهچي تفصيلي دورو ڪيو ۽ ميڊيڪل ڪئمپ تي آيل مريضن کان ميڊيڪل ڪئمپ تي ملندڙ سهولتن بابت تفصيل معلوم ڪيا ۽ مريضن کي تحفا پڻ ڏنا. جڏهن ته ايم پي اي فريال ٽالپر زيبيسٽ فائونڊيشن طرفان لڳايل مفت ميڊيڪل ڪئمپ جي انتظاميا کي شاباس پڻ ڏني. ان موقعي تي ايم اين اي خورشيد جوڻيجو، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو جي چيئرمين اعجاز لغاري ۽ ٻيا موجود هئا.