بينظير جي مڙهه جو پوسٽ مارٽم ته نه ٿيو، پر سڄي ملڪ جو پوسٽ مارٽم ٿي ويو:عدالت

0
264
شهيد بينظيرڀٽو جي 15 هين ورسي

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي ايم اين اي عامر لياقت جي پوسٽ مارٽم بابت ڪيس تي ٻڌڻي دوران شهيد بينظير ڀٽو جي پوسٽ مارٽم جو ذڪر ٿيو

ٻڌڻي دوران عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته عامر لياقت جي پوسٽ مارٽم تي ڪير اعتراض ڪري رهيو آهي؟ درخواستگذار جي وڪيل چيو ته سندس پُٽ ۽ ڌيءُ درخواست داخل ڪرائي آهيڊاڪٽر عامر لياقت جا ٻار

درخواستگذار جي وڪيل موجب شهيد بينظير ڀٽو جي مڙهه جو به پوسٽ مارٽم نه ٿيو هو، جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو چيو ته بينظير ڀٽو جي مڙهه جو پوسٽ مارٽم نه ٿيڻ تي سڀني کي افسوس آهي

عدالت چيو تھ اُن تي ڪتاب لکيا ويا آهن، بينظير جي مڙهه جو پوسٽ مارٽم ته نه ٿيو، پر سڄي ملڪ جو پوسٽ مارٽم ٿي ويو

ھي به پڙھندا

ڪراچي: سنڌهاءِ ڪورٽ پاران عامر لياقت جي پوسٽ مارٽم بابت اسٽي آرڊر ۾ واڌ