بيماري، بک بيروزگاري جي ستايل ڍولڪ نواز منظور ڀٽي پاران ايوارڊ کپائڻ جو اعلان

0
346

فيض گنج(رپورٽ رياض سولنگي) مشهور ڍولڪ نواز منظور ڀٽي مهانگائي سبب 35ملڪن کان مليل مڃتا ايواڊ کپائڻ جو اعلان ڪيو آهي. منظور ڀٽي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته مهانگائي بيروزگاري ۽ بيماري سبب بيروزگار آهيان شگر جي بيماري سبب ڪم به نٿو ڪري سگهان.

مال پڙين تي شيون کپائي ٻچن جو پيٽ گذر ڪرڻ تي مجبور آهيان هن چيوته  دوا خريد ڪرڻ جيترا به پئسا نه آهن مجبور ٿي پنهجا ساز کپائڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته ايترو مجبور آهيان جو ٻار کپائڻ تي دل چوي ٿي چونڊيل نمائندن سميت ڪنهن به سار نه لڌي آهي. منظور ڀٽي چئن معصوم ٻارن سميت ڳائي وڄائي احتجاج ڪيو.