اسلام دشمن ڀارتي صحافي کي دبئي گهرائڻ تي شهزادي انتظاميه تي چڙي پئي

0
305

ڪراچي(م ڊ) ڀارت جي هندو انتهاپسند صحافي سڌير چوڌري کي دبئي ۾ هڪ پروگرام ۾ مدعو ڪرڻ تي گڏيل عرب امارت جي شهزادي انتظاميه جي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، شارجه سان واسطو رکندڙ شهزادي هند بنت فيصل القاسمي هندو انتها پسند خيال رکندڙ ڀارتي صحافي کي دبئي ۾ هڪ عالمي تقريب ۾ دعوت ڏيڻ تي ناراضگي جو اظهار ڪيو

شهزادي هند پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته اسلام ۽ مسلمانن خلاف بڪواز ڪندڙ گوبر کائڻ واري شخص کي هن امن پسند روادار ملڪ ۾ ڇو گهرايو ويو آهي، شهزادي هند هڪ ٻئي پيغام ۾ لکيو ته سڌير چوڌري جا شو مڪمل طور تي اسلامو فوبيا بابت آهن، هندستان جي 20 ڪروڙ مسلمان آبادي کي نشانو بڻايو ويندو آهي، هندو انتها پسند صحافين جا اڪثر پرائم ٽائم شوز هندستان ۾ مسلمانن خلاف سڌي سنئين تشدد جو باعث بڻجن ٿا

پنهنجي ٽوئيٽ ۾ شهزادي هند تقريب جي منتظمين کان سوال ڪيو ته توهان ٿيندا ڪير آهيو هڪ اسلام مخالف شخص کي منهنجي پرامن ملڪ ۾ دعوت ڏيڻ وارا؟ ياد رهي ته سڌير چوڌري کي 2012ع ۾ ڀارتي صنعتڪار کان 10 ڪروڙ رپيا هڙپ ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو ۽ کيس هڪ مهينو ڀارت جي بدنام زمانه تهاڙ جيل ۾ گذارڻو پيو هو