ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا پراچي ڊيسائي اڪشاف ڪيو آهي ته هڪ ڀيرو بولڊ منظر فلمائڻ کان انڪار تي فلم مان ڪڍيو ويو هو.هڪ انٽرويو ۾ پراچي ڊيسائي ٻڌايو ته جڏهن مان انڊسٽريءَ ۾ نئين آئي هيس ته ”ڪجهه خاص“ منظر فلمائڻ کان انڪار تي فلم مان ڪڍيو ويو ۽ مون کي ان حوالي سان ڪجهه ٻڌائڻ جي زحمت به نه ڪئي وئي.سندس چوڻ هو ته هڪ ڀيرو فلم جي شوٽنگ شروع ٿيڻ کان 6 ڏينهن اڳ خبر پئي ته مان فلم ۾ ڪم نه پئي ڪيان، جنهن جو سبب اهو ئي هو ته مان بولڊ منظرن کان انڪار ڪيو هو.پراچي ڊيسائي چيو ته هاڻ به ڪجهه تبديل ناهي ٿيو ۽ ڪجهه مهينا اڳ به مون سان اهڙو ئي واقعو پيش آيو.