بهرام ( ن پ ا )ڳوٺ شھيد غلام حيدر مگسي ۾  45 سال جي شھبيگ ولد گل محمد  کوسو غربت کان تنگ ٿي پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. بهرام پوليس لاش تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال ميروخان مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو. لاش  گهر پهچڻ تي وارثن ۾ روڄ راڙو مچي ويو.بهرام پوليس موجب شهبيگ کوسو جا وارث غربت خودڪشي ڪرڻ جو سبب ٻڌائي رهيا آهن  جنهن جي وڌيڪ جاچ هلي رهي آهي.