ڍاڪا(اسپورٽس نيوز) بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي ڊائريڪٽر ۽ اڳوڻي ڪپتان خالد محمود کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽس موجب خالد محمود ۾ ڪورونا جي علامت ظاهر ٿيڻ بعد کيس گهر ۾ ئي قرنطينه ڪيو ويو آهي. سريلنڪا جي دوري تان واپسي بعد خالد محمود جون 2 ڀيرا ڪورونا وائرس جون ٽيسٽس ڪيون ويون، رپورٽس پازيٽو اچڻ بعد کيس قرنطينه ڪيو ويو آهي.