بني گالا ڇا ٿو سوچي؟

0
206
بني-گالا-ڇا-ٿو-سوچي؟

  بني گالا وارا چون ٿا ته عمران خان کي رڳو نيوٽرلس تي ڪاوڙ ناهي پر خان صاحب پنهنجي پارٽي وارن تي به ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيو آهي. سندس خيال ۾ شهباز گل جيئن اسان جي موقف کي کڻي هليو، ايئن سڀ ڪن ها ته هينئر تائين هو فاتح ٿي چڪا هجن ها.  عمران خان جو خيال آهي ته هن تحريڪ کي ان نقطي تي اچي پهچايو هو جتي پورو نظام سندس چوڏس چڪر ڪاٽي رهيو هو، تڏهن فيصلي جا سمورا اختيار عمران خان وٽ اچي ويا هئا پر تحريڪ انصاف جي قيادت جي گهربل ڪردار ادا نه ڪرڻ سبب ڳالھھ هتي اچي پهتي آهي جو هاڻي عمران خان کي چيو پيو وڃي ته معافي گهر.

                 هاڻي عمران خان کي ڪير چوي ته جيڪا صورت حال تبديل ٿي آهي ان ۾ پارٽي جي قيادت کان وڌيڪ عمران خان جون پنهنجو تقريرون آهن جنهن ۾ هن آرمي چيف جي مقرري ۽ جج زيبا چوڌري جي حوالي سان ٻولي استعمال ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ ٻئي ادارا ان معاملي تي نيوٽرلس ناهن رهيا، پر انهن شديد رد عمل جو اظهار ڪيو آهي. هاڻي ظاهر آهي ته عمران خان کي اڳتي وڌڻ لاءِ پوئتي وڃڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به آپشن نظر نٿو اچي. هونءَ به خان صاحب جي پنهنجي قول موجب ته تاريخ ۾ وڏو ڪردار ٿيڻ لاءِ يوٽرن وٺڻ لازمي هجي ٿو جنهن ڪري ئي کيس يوٽرن خان جو خطاب به مخالف ڌر ڏيندي رهي آهي پر جج زيبا چوڌري صاحبه خلاف جيڪا ٻولي عمران خان استعمال ڪئي آهي ان تي عمران خان جيڪو جواب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو ان سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مطمئن نه ٿي سگهي، جنهن ڪري عمران خان کي ٻيهر موقعو ڏنو ويو ته سوچي سمجهي جواب ٻيهر جمع ڪرايو وڃي پر ٻيهر جمع ڪرايل جواب ۾ به ڪٿي به معافي ورتل ناهي، جنهن سبب ئي عمران خان 22 سيپٽمبر تي فرد جرم واري مرحلي کي منهن ڏيندو. ان عرصي تائين عمران خان معافي گهري سگهي ٿو يا جج زيبا چوڌري صاحبه جي عدالت ۾ حاضري ڀري سگهي ٿو پر عمران خان لڳي ٿو ته سپريم ڪورٽ وڃڻ کي ترجيح ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته معافي وٺڻ کان بهتر آهي ته معاملو قانوني طريقي سان سپريم ڪورٽ کڻي وڃجي.

عمران خان پنهنجو پاڻ کي اهڙي قانوني چڪر ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي جتي سندس سمورو نظريو ڪم ناهي ڪري رهيو، ايتري تائين جو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جڏهن هن پاڻ روسٽرم تي اچي ڳالهائڻ جي درخواست ڪئي ته اها به قبول نه ڪئي وئي، عمران خان جيڪو جلسن ۾ ڳالهائي رهيو آهي اهو عدالت اندر دليل طور ڳالهائي به ته ڪهڙي ڪم جو؟ عمران خان جلسن ۾ چوي ٿو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري ڪرپٽ آهن، هي ڪرپٽ سياستدانن جو ٽولو آهي، امريڪي سازش تحت هن جي حڪومت ختم ڪئي وئي، هاڻي عمران خان جو جلسن وارو نظريو عدالت ۾ ڪهڙي ڪم جو ٿيندو؟ ظاهر آهي ته عدالت عمران خان کان توهين عدالت ۾ اهو ئي پڇيو آهي ته هڪ اڳوڻي وزيراعظم جهڙي قد ڪاٺ واري شخص کي ڪنهن به عورت جج لاءِ اهڙي ٻولي ڳالهائڻ گهربي هئي؟ ملڪ جا ناليوارا وڪيل جيڪي عدالت اندر معاون طور موجود هئا، اهڙن ۾ منير اي ملڪ جهڙن وڪيلن کان عدالت سوال ڪيا ته جيڪڏهن اها ٻولي سپريم ڪورٽ يا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڪنهن جج خلاف ڳالهائي وڃي ها ته ڇا اها برداشت ٿي سگهي ها؟

هن توهين عدالت واري معاملي ۾ يوسف رصا گيلاني جو ذڪر به اچي رهيو آهي ته جيڪڏهن ملڪ جي موجود وزيراعظم کي توهين عدالت جيڪ ڪيس ۾ چارج ڪري گهر اماڻي سگهجي ٿو ته عمران خان کي نا اهل ڇو نٿو ڪري سگهجي؟ يوسف رضا گيلاني به ته نااهلي جو وقت گذاريو آهي. پر توهين عدالت جا فردوس عاشق اعواڻ، دانيال عزيز، نهال هاشمي ۽ طلال چوڌري جامثال به موجود آهن. عدالتي فيصلن جو حوالو ته مريم نواز به ڏئي رهي آهي ته نواز شريف ۽  هوءَ مريم نواز هينئر تائين چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اهل ناهن ته پوءِ عمران خان لاءِ اهو سوال ايترو اهم ڇو آهي. پر هن سڄي قانوني معاملي ۾ معاون وڪيلن جو مقصد اهو رهيو آهي ته ملڪ جي نالي واري قيادت کي سزا بدران معاملي کي در گذرڻ ٿيڻ گهرجي.

اسان جيئن مٿي ذڪر ڪري آياسين ته عمران خان جلسن ۾ جيڪو ڪجهه ڳالهائي پنهنجي ڪارڪنن کي گرمائي سگهي ٿو پر عدالت اندر ته سندس نظريو نه پر وڪيلن جا دليل هلندا! وڪيلن جي جتي ڳالهه آئي آهي ته اتي حامد خان ۽ چوڌري فواد جو تضاد به ڏسڻ ۾ آيو. حامد خان جهڙي سينئر وڪيل جو عمران خان جي حق ۾ دليل ڏيڻ سان عمران خان جي قانوني سگهه ۾ ته اضافو ٿيو آهي جنهن کي چوڌري فواد تسليم ڪري يا نه پر ان کان اڳ جڏهن عمران خان وزيراعظم هو تڏهن اهي سوال اسان هنن ئي پئجن تي اٿاريندا هئاسين ته عمران خان جي قانوني ٽيم عمران خان کي ڪهڙو فائدو ڏنو آهي؟ عمران خان پاڻ ئي اعتراف ڪيو هوته جج قاضي فائز عيسيٰ ريفرنس واري معاملي ۾ وڪيلن جي صلاح تي عمل ڪرڻ نه کپندو هو، خير ان وقت ته ايم ڪيو ايم واري فروغ نسيم جهڙا وڪيل به سندس ٽيم جو حصو هئا.! پر هاڻي ته فروغ نسيم وارا شهباز شريف جا اتحادي آهن، تنھن هوندي به حامد خان ۽ چوڌري فواد جو الڳ الڳ ذڪر اچي رهيو آهي، خبر ناهي ته چوڌري فواد جھڙا وڪيل عمران خان جا هن معاملي ۾ وڪيل هجن ها ته نتيجو ڪهڙو هجي ها؟.

عمران خان جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ حاضري دوران اهو لقاءُ به ڏٺو ويو ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي ڪابينا هجي يا وڏا وزير، اهي هتي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پھچي ئي ڪونه سگهيا، ايتري تائين جو عمران خان جي پارٽي جا وڪيل به ٻاهر موجود هئا. مون کي هڪڙي پوليس واري چيو ته جڏهن چوڌري پرويز الاهي کي نه ٿا ڇڏيون ته هنن کي ڇو ڇڏينداسين! هي راڻا ثناءُ الله طرفان اهو پيغام به ٿي سگهي ٿوته جيڪڏهن پنجاب ۽ ڪي پي ڪي حڪومت ٻيهر اسلام آباد بند ڪرڻ آئي يا ڌرڻو يا لانگ مارچ ڪيو ته ان جو ڪھڙو حشر ٿي سگهي ٿو. هينئر پي ٽي آءِ جي قيادت جيڪا ٻوڏ وارن علائقن ڏانھن وڃڻ جي لاءِ تيار ناهي،  ان حوالي سان ان اھو فيصلو ضرورڪيو آهي ته ننڍي چونڊ ملتوي ٿيڻ باوجود مهانگائي خلاف احتجاج ۽ جلسا جاري رکندي.  ڏسجي ته  بني گالا ۾ عمران خان جي قانوني ٽيم عمران خان کي توهين عدالت واري معاملي مان نڪرڻ لاءِ معافي جهڙي معاملي تي قائل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي يا نه. ؟