ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ پوليس ۾ بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي الڳ ڪيڊر ملي ويو، 252 آساميون به تخليق ڪيون ويون. وڏي وزير جي منظوري کانپوءِ گھروکاتي بم ڊسپوزل ڪيڊر جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن موجب انهي ڪيڊر ۾ 17هين گريڊ جي ڊي ايس پيز جون 4، انسپيڪٽر جون 10، سب انسپيڪٽر جون 27، اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر ( اي ايس آئيز) جون 37، هيڊڪانسٽيبل ( جمعدارن) جون 52 ۽ ڪانسٽيبل ( سپاهي) جون 122 آساميون هونديون، بم ڊسپوزل جو اهو ڪيڊر اسپيشل برانچ جي ماتحت ڪم ڪندو. ان ڏس ۾ ايڊيشنل آءِ جي غلام نبي ميمڻ جو چوڻ هو ته بم ڊسپوزل ڪيڊر جا رولز به ٺهڻا آهن، ڪو به آفيسر ۽ اهلڪار بم ڊسپوزل اسڪواڊ مان بدلي ڪرائڻ وڃڻ بعد واپس اچي نه سگھندو، انهي ڪيڊر لاءِ الڳ ڀرتيون ٿينديون. ترقين جا به رولز ٺاهيا ويندا، نفري وڌڻ، ريڪروٽمينٽ ۽ پروموشن رولز ٺهڻ بعد ادارو اڃا به بهتر نموني ڪم ڪري سگھندو. ايڊيشنل آءِ جي موجب هي ڪيڊر اسپيشل برانچ جو ئي حصو هوندو