ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر ) ٽنڊو محمد خان جي تعلقي بلڙي شاھ ڪريم جي ڳوٺ عبدالله رند ۾ 8ڪلاس ۾ پڙهندڙ شاگرد بچو ڪولهي جي قتل واري واقعي کي 3 ڏينهن گذري ويا پر بلڙي شاھ ريم ٿاڻي تي ايف آءِ آر اڃان تائين درج نه ٿي سگهي آهي ، گرفتار ڪيل نينگر جي 2سڳن سوٽن کي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ پوليس سول اسپتال حيدرآباد پهچايو آهي ، هوڏانهن نينگر بجو ڪولهي جي قتل وارو واقعو معمو بڻجي ويو آهي علائقي ۾ چوٻول آهن ته علائقي جون ڪجھ بااثر سياسي شخصيتون وچ ۾ پوڻ ڪري قتل ڪيس داخل ٿيڻ ۾ دير ٿي آهي ، ٻي پاسي قتل ٿي ويل نينگر بچو ڪولهي جي پيءُ ڏيوجي ڪولهي جو چوڻ آهي ته اسان سان سراسر ظلم ٿيو آهي منهنجو معصوم پٽ بيگناھ ماريو ويو آهي. مون کي انصاف گهرجي ۽ قاتل قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندا وڃن،جڏهن ته بلڙي شاھ ڪريم ٿاڻي جي وڏي منشي محمد حاصل پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته نينگر جا وارث ايندا ته ايف آءِ آر درج ٿيندي ، ان معاملي جي ڊي ايس پي پاڻ خود جانچ ڪري رهيو آهي ‏.