سبي (م ڊ) بلوچستان جي علائقي سبي ۾ ايڪتا ڏهاڙي جا انڊلٺي رنگ جرڪي پيا، سبي ۾ ريلين ۽ تقريبن دوران سنڌي ثقافت جا ويس اوڍي شرڪت ڪئي وئي، سبي جي شهرين طرفان سنڌ واسين کي ايڪتا ڏهاڙي جون واڌايون ڏنيون ويون جڏهن ته بي اين پي مينگل جي سربراهه اختر مينگل پاران پڻ ايڪتا ڏينهن جون واڌايون ڏنيون ويون.