بلاول کي سندس ٻولي ۽ لهجي ۾ جواب ڏيڻ نٿا چاهيون: راڻا ثناءُ الله

0
125

نون ليگ جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته بلاول کي سندس ٻولي ۽ لهجي ۾ جواب ڏيڻ نٿا چاهيون، نون ليگ پنجاب کانسواءِ ٻين صوبن مان به ڪاميابي ماڻيندي

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران راڻا ثناءُ الله چيو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ مير صادق ۽ مير جعفر جا لقب ڏنا ويا، پاڪستان کي ترقيءَ جي پٽڙيءَ تان لاٿو ويو

هن چيو ته نواز شريف اڳ به ملڪ کي بحرانن مان ڪڍيو هو ۽ هاڻي به ڪڍي ڏيکاريندو

نون ليگ جي سينيٽر عرفان صديقي به بلاول جي خطاب تي ردعمل ۾ چيو ته بلاول سمجهي ٿو ته اليڪشن جا نتيجا طئي ٿي چڪا آهن ته پوءِ گهر وڃي ويهي رهي، بلاول آڏو سندس خراب ڪارڪردگي وات ڦاڙي بيٺل آهي، 15 سالن کان پيپلزپارٽي جي جهولي ڪارڪردگي کان خالي رهي آهي