برطانيا ۾ 70 سالن کان پوءِ نئين بادشاهه چارلس ٽيون جي تاج پوشي تقريب

0
246

برطانيا ۾ 70 سالن کان پوءِ نئين بادشاهه چارلس ٽيون جي تاج پوشي تقريب ويسٽ منسٽر ايبي ۾ جاري آهي

 74 سالن جو چارلس ۽ سندس گهر واري ڪميلا پارڪر هزار سال پراڻي روايتن  سان شاهي محل جي بالڪوني ۾جلوه گر ٿيڻ بعد شاهي بگي گهوڙي تي سوار ٿي منسٽر ايبي پهچي ويا

برطانيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ بگل وڄائي توپن جي سلامي ڏني ويندي، تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف سميت 56 ملڪن جا سربراه شريڪ آهن، پاڪ فوج  جو 10 رڪني دستو به تاج پوشي تقريب ۾موجود آهي

 چارلس ٽيون جي تاج پوشي تقريب ۾ شرڪت لاءِ لکين ماڻهو پهتل آهن، 1066ع کان شروع ٿيل بادشاهي سلسلي ۾ چارلس ٽيون، چاليهون شاهي حڪمران آهي، جنهن جي تاج پوشي تاريخي چرچ ۾ منعقد ڪئي وئي آهي