بدين (رپورٽر) اسسٽنٽ ڪمشنر محمد يونس رند مختيارڪار نبي بخش سولنگي ۽ پوليس سان گڏ شھر جي قائداعظم روڊ، غريب آباد، ڪڍڻ روڊ ۽ گولاڙچي روڊ تي مختلف جنرل اسٽورن، ھوٽلن،ميڊيڪل اسٽورن تي جا دورا ڪيا، اي سي قاضيا واھ پل تي طاھر پٺاڻ، شاھنواز چوڪ موبائل مارڪيٽ ۾ عاشق خواجا ۽ ٻين جي دڪانن جو دورو ڪري مالڪن ۽ ملازمن پاران ويڪسين نه ڪرائڻ ۽ ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ سبب دڪان سيل ڪري ڇڏيا ۽ واپارين کي ڪورونا کان بچاءُ واري وئڪسين ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.