بدامني، جاگيردار ۽ پوليس

0
619
بجيٽ ۽ مهانگائي

بدامني جي ذميوار طور اتر سنڌ جي هڪ سردار جي گرفتاريءَ پوليس جي حوصلي تي مثبت اثر وجهندي، مايوسي کان بچڻ ۾ مدد ڪندي ۽ ڪارڪردگي ۾ يقين پئدا ڪندي. پوليس هن سماج جو مظلوم ۽ ظالم ڪردار آهي، اهو طئه ڪرڻ مشڪل آهي ته پوليس اول ظالم آهي يا مظلوم؟ ۽ ڪهڙي هڪ حالت جي سبب ٻيءَ حالت واري بڻي آهي؟ ۽ ايئن آهي به يا ناهي. پر ان تي ٻه رايا ناهن ته پوليس مري به ٿي، ماري به ٿي، اها به رد ٿيڻ جهڙي راءِ ناهي ته جن کي پوليس هٿان مرڻ کپي، اهي پوليس کي ماريندا آهن، ۽ جن کي پوليس جي مدد سان جيئڻ کپي اهي پوليس هٿان مرندا آهن.
پوليس هڪ اهڙي فورس آهي جنهن جي خلاف معاشري ۾ تمام گهڻا احتجاج ٿيندا آهن، ڪورٽن ۾ ڪيس به ان تي گهڻا داخل ٿيندا آهن، عوام کي وڌ ۾ وڌ شڪايت به پوليس کان هوندي آهي. ڪن وٽ پوليس خلاف عوام جو ڪيس آهي ته ڪن وٽ پوليس جي پنهنجي مظلوميت جو ڪيس آهي. ڪن وٽ پوليس لاءِ پاراتا آهن ته ڪن وٽ پوليس لاءِ پارتون آهن. ڪن ماڻهن کي به يا ته همدردي ۾ لڙهي وڃڻو آ، يا ردعمل ۾ ڪِري پوڻو آ، اسان ميرٽ تي ڳالهائڻ ۽ توازن ۾ راءِ ڏيڻ ۽ جيتري هجي اوتري ڳالھه ڪرڻ ته سکيا ئي ناهيون. پوليس جو ڪو ظلم سامهون ايندو آهي ته ڪاوڙ ۾ وڃي شيطان جي لاڳ بيهاريندا هونس، وري ڪنهن شهادت جي واقعي تي ساڳي پوليس کي فرشتن جي قطار ۾ ڇڏي اچون ٿا. اسان جو به مٿو جاءِ تي نه هوندو آ، ڪڏهن هڪ انتها تي رهڻو آ، ڪڏھن ٻي انتها تي هجڻو آ…
پوليس جو معاشري ۾ امن ۽ تحفظ لاءِ بنيادي ڪردار آهي، پر اهو ڪردار ڪڏهن مردار ته ڪڏهن حد کان وڌيڪ نقصانڪار رهيو آهي. پوليس جي گهڻي شهرت ناڪارا فورس واري آهي. هو جهڙي ريت هٿياربند فورس آهي ان حساب سان ته معاشري ۾ ڏوھن جو نانءُ نشان نظر نه اچڻ کپي، پر جهڙي طرح هن جي ڪارڪردگي آهي سڀ ڪيس هن تي داخل هجڻ کپن ۽ ساريون سزائون ان کي ملڻ کپن. انهي ڪري اهو ڪنهن اعليٰ سطح تي جائزي وارو معاملو آهي ته پوليس اهل ڪيتري آهي نااهل ڪيتري، ۽ ڪيتري وس واري آهي ۽ ڪيتري مجبور آهي.
پوليس جي رول کي رياست، سياست، ۽ علاقائي حالتن سان ملائي سمجهڻ گهرجي. علائقن ۾ موجود وس وارن جي طاقت، ڪردار ۽ اثر رسوخ جيڪو سنڌ کي لُڪَ ۽ لُوءِ وانگر لوساٽيندو آهي پوليس به ان مان گذري ئي ڪجھه ڪندي آهي. جيڪي طاقتون سندي راڄ ڀاڳ جي ووٽ واري طاقت سان حڪومت جي ڪارڪردگي تي به اثر وجھنديون آهن انهن راڄ وارن اڳيان پوليس جي ڪيترو هلي سگهي ٿي، ان “ڪيتري” جي به پوليس سان گڏ ڪڇ ماپ تور ڪرڻ گهرجي.
اتر سنڌ ۾ اغوائن کي ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ پوليس آپريشن کي راڄوڻين سدائين پئي روڪرايو آهي، هر ڀيري آسرا ڏئي امن پئي رهايو آهي. اهو ئي ڳڙهي تيغو، اهو ئي ڪچو، ماضي ۾ ڪيئي ڀيرا اتان پوليس کي موٽايو ويو آهي. وڏيرن سردارن جي ڇڏ ڇڏاوت سان اغوا ٿيل ڇڏائجي ايندا آهن، امن جي مشن کي اتي ئي اڌ ۾ ڇڏيو ويندو آهي. اتر سنڌ ۾ اهڙا جهان خان آهن ۽ اهڙو انهن جو جهان آهي. اغوا ٿيلن جي آزادي لاءِ اغواڪارن کي مڃائڻ لاءِ اهڙن جون خدمتون درڪار هونديون آهن. راڄ وارن جي تر ۾ پوليس پنهنجو ڪم نه ڪري سگهندي آهي، وڏيرا پنهنجو ڪم ڪري ويندا آهن. اهي ئي سياست ۾ آهن، اهي ئي ووٽ جي طاقت سان حڪومت ۾ اڇي ڪاري جا مالڪ هوندا آهن.
تر جا راڄ ڌڻي ته راڄوڻي ڪندا آهن، پر قانون وارا راڄوڻي ۾ تعاون ٿا ڪن ته ايئن ٿو لڳي ڄڻ ڌاڙيلن کي هو داد ٿا ڏين. ان طريقي سان واه واه ٿي ويندي آهي، پر اها واه واه حقيقت ۾ قانون مٿان ٺٺول هوندي آهي، اها واه واه قانون وارن کي نه پر اها ڄڻ ان جبر کي واه واه هوندي جيڪو انتظاميه کان وٺي اسيمبلين تائين قانون جي هٿان نه پر قانون جي مٿان حڪمراني ڪري ٿو!
مڃڻو پوندو ته اهڙي جهان ۾ آپريشن شروع ڪري پوليس بهترين طريقي سان پنهنجو نقصان ڪندي آهي. ٽريننگ ۾ ڀلي پوليس کي جوش ۽ ولولو سيکاريو ويندو هجي پر عمل جي ميدان ۾ هن جا هٿ پير ٻَڌي ٻَڌي اوچتو جڏهن ڇوڙيو ٿو وڃيس ته ڌاڙيل ته جيڪو، پوليس پنهنجا ئي مارائي موٽي ٿي.
پوليس کي قانون جو پابند نٿو رکيو وڃي پابند جاگيردار جي حڪم جو رکيو ٿو وڃي ته پوءِ هوءَ فقط وڏيرڪي مفاد ۽ مطلب جي پابند آهي. اها سرڪاري نوڪري ته نه ٿي، سڌي طرح سياسي وڏيري جي نوڪري ٿي، جڏهن پوليس واري جي ٽرانسفر ۽ پوسٽنگ وڏيري جي هٿ ۾ هوندي ته پوليس واري کان ڪهڙو قانون تي عمل ٿيندو، پوءِ ته وس واري جي حڪم تي ئي عمل ٿيندو!
جاگيردار پاڻ اسيمبلي ۾ ويٺو آهي يا سندس ويهاريل اتي ويٺا آهن. سئو ڪهاڙي جو مالڪ هئڻ ڪري وڏيرو ووٽ جو مالڪ آهي ۽ ووٽ جي ڪري حڪومت جي لاءِ خاص آهي، اهڙي “خاص” لاءِ پوءِ هر شيءِ عام آهي، پوليس جي ڀرتي، بدلي، ترقي ۽ تمام اختيار جڏهن هن جي هٿ ۾ آهن ته پوليس کي ڪهڙي نانگ کاڌو آهي جو وڏيري سان ڦٽائيندي، جڏهن ته رٽائرمينٽ کانپوءِ به پوليس واري کي رهڻو هن جي تر ۾ آهي، هن جي ٻه ٽي ڏينهن، وڏيري جي موسم سڀ ڪا..!
رياست اندر جڏهن ٻي رياست قائم ٿئي ٿي ته پوءِ ان جي ٿي هلي، رياست جي نٿي هلي، اصل رياست جي رٽ قائم نٿي رهي، رٽ سياست جي ٿي رهي. اهڙي ۾ پوءِ هڪ رياست جو ملازم ٻي رياست جو ملازم ٿي ڪم ڪري ٿو، هن جو جڏهن رات ڏينهن ان رٽ سان واسطو پوي ٿو، جنهن جو سماجي نالو “راڄوڻي” آهي ته پوءِ اهلڪار ۽ عملدار به “راڄ” ٿي وڃي ٿو، رسمون سڀ قانوني ادا ٿين ٿيون، مطلب راڄ جي راڻن جو پورو ٿئي ٿو.
وڏيرڪي جهان پوليس جو ڪارج ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي، لاچاري ۾ توڙي شوق سان هوءَ وڏيري جي هٿ وس آهي، هوءَ جنهن تي به وسي ٿي وڏيري جي هٿ جي لٺ ٿي وسي ٿي، پر جيئن ته هوءَ پگهار پنهنجي کاتي جي کائي ٿي، ان ڪري ڪجهه قانوني ڪم به ڪرڻو پئيس ٿو، اصل ڪم امن آهي ۽ امن کي ڌاڙيل اغوا ڪري ٿو، انهيءَ ڪري ڪڏهن ڪڏهن ٽڪراءُ فطري ڳالهه آهي، انهيءَ ٽڪراءُ ۾ وڏيرو وري به ڏوهاري جي ڀر کڻي ٿو، ڇو ته هو به وڏيري جو ئي لٺ باٺو آهي. سو ڪڏهن ڪڏهن لٺ ۽ باٺي جو ٽڪراءُ ٿي پوي ٿو، جنهن کي آپريشن چئجي ٿو. اهڙي حال ۾ اڻ پوري تياريءَ سان تڪڙ ۾ جڏهن به پوليس آپريشن ڪيو آ ته پنهنجو ئي جاني نقصان ڪيو آهي.
پر جيئن ته هي پوليس جو آپريشن آهي سو به سنڌ جي پوليس، سو آپريشن جو ڪمزور ۽ ناقص هجڻ لازمي آهي! هي ڪو فوج ۽ رينجرز جو آپريشن ناهي جو اهو “رد الفساد” ثابت ٿئي، پوليس جو آپريشن ڌاڙيلن جي خلاف جهڙو ٿيندو آهي، ايئن لڳندو آهي ته هي ساڄي هٿ جو کاٻي هٿ جي خلاف آپريشن آهي. عملي طور تي جڏهن ٻيئي وڏيري جا هٿ هجن ته آپريشن علامتي ٿيندو، حقيقت اها آهي ته جيستائين وچ واري وجود جو ڪريا ڪرم نه ٿيندو، آپريشن جو ڪو فائدو نه ٿيندو، ڏوهارين خلاف پوليس جي آپريشن کان اڳ ۾ وڏيري خلاف معاشري جي بغاوت لازمي آهي، برائي کي پاڙ کان ختم ڪبو ته اها نه وڌندي نه ڦهلبي.!!
سنڌ ۾ ڌاڙيل وڏيري جي ئي وٿ آهي، هن جو اهڙو هٿ آهي جنهن سان هو ڪنهن جي به منڍي مروڙي ٿو، هو زورآور ئي انهيءَ زور جي ڪري آهي. انهيءَ ڪري هو هن کي ڪڏهن به ڪمزور نه ڏسڻ چاهيندو، پهرين ڪوشش اها هوندس ته هو ۽ پوليس ٺهي هلن، نٿا ٺهن ته نيٺ ڌاڙيل جو پاسو کڻندو، پوليس جو نه کڻندو، اهو ڪڏهن نه ٿيو آهي ته هن ڪو ڌاڙيل پوليس کان مارايو هجي يا پڪڙايو هجي، وڌ ۾ وڌ ٺاهه ڪرائيندو، اڌارو امن ڪرائيندو، اهڙو ڪرائيندو جو بدامنيءَ جي به گنجائش رهي، جيئن ضرورت پوڻ تي اها وري ٿئي ته هن جي لاءِ جرڳن جو جهان قائم رهي.
وڏيرو سنڌ جي جرڳائي برائي آهي، هو عدالتي انصاف جو وڏو دشمن آهي، انصاف ۽ امن وڏيري کي صفا سڃو ۽ اوپرو ڪري ڇڏيندو آهي، هو هميشه بدمعاشي ۽ بدامنيءَ مان کائيندو آهي، انهيءَ ڪري چاهيندو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن کي امن کپي به ته هن کان وٺي، ڪنهن کي پناهه کپي به ته هن کان وٺي، انهيءَ ڪري ڪهڙا به آهن پر وڏيرا انهيءَ ڪوشش ۾ آهن ته جرڳن کي قانوني شڪل ڏياري وڃي، ته جيئن ماڻهن کي انصاف ٿورو ملي سو به سندن ئي ٿورن سان ملي.
پر جيڪو وڏيرو ڪندو ان کي انصاف چوڻ به مشڪل آهي ۽ جيڪو هوندو ان جي آن ۽ آف جو بٽڻ سندس هٿ ۾ هوندو. هو سماجي بالادست به آهي، بدمعاشيءَ ۾ به زبردست آهي، عدالتي اختيار هن جي آخري خواهش آهي، هن جي فرعونيت ۾ اها ئي ڪمي آهي، جيڪا پوري ڪرڻ چاهي ٿو.
هو سنڌ ۾ جرڳن جو جهان قائم رکڻ لاءِ جهيڙن کي ايئن سنڀالي ٿو، پالي ۽ تاتي ٿو جيئن وڻ پوکي پرگهور لهبي آ، ان کي پاڻي ڏبو آهي، جڏهن ته جرڳا قانوني طور ڏوهه آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ قانون جي روح وٽان اپريل 2004ع ۾ جرڳن تي پابندي هڻي چڪي آهي، پر حڪومتن ۾ ويٺل وڏيرن جو زور ته ڏسو، هو هر وقت جرڳا ڪندا رهن ٿا، هنن کي چوڻ وارو ڪو ناهي. هت روڪيندو آهي قانون، قانون تي عمل ڪرائيندي آهي حڪومت ۽ حڪومت ۾ جهان خان پاڻ ويٺا هوندا آهن. “راڄوڻي” سنڌ جي اڳوڻي بيماري آهي، راڄوڻين تي پابنديون پوڻ گهرجن، وڏيرو وائرس آهي ۽ عوام انهيءَ وبا ۾ ورتل بيمار آهي.
جيڪڏهن پنهنجيءَ تي قائم رهي ٿي ته حڪومت جو سردار کي سوگهو ڪرڻ وارو اهو چڱو قدم چئبو، ڇاڪاڻ جو هوءَ جنهن کي بدامني جو ذميوار سمجهي ٿي ان سردار کي سوگهو ڪري عدالت ۾ بيهاريو اٿس. عارضي نه هجي اها امن لاءِ سندس پهرين سنجيدگي سمجهي ويندي. سياست امن ۽ انصاف جي آڙي نه ايندي، عدالت کي انصاف جو بنا رڪاوٽ موقعو ملندو، پوليس جو ڪجھه ڀئو ڀڄندو، اها اعتماد سان ڪم ڪري سگهندي، ۽ ڪارڪردگي سان ڪجھه نتيجا ڏئي سگهندي.
سياست هن ملڪ ۾ جيڪي نقصان ڪيا آهن تن ۾ بدامني ڪرپشن کان به وڏو نقصان آهي. اها سياست جڏهن مصلحت جو ماسڪ پائيندي آهي ته ملڪ م خير نه هوندو آهي، هر شيءَ سنئينءَ مان اونڌي، سبتيءَ مان ابتي ۽ هڪ جي ٻي ٿي ويندي آهي. قانون هٿ ۾ کڻڻ وارا هٿ ملائڻ جهڙا ٿي پوندا آهن، نيت جا ميرا سڀ وڏيرا وچ ۾ آڻي ڳالهيون ڪرڻ جهڙا معتبر ٿي پوندا آهن، ڌاڙيل پوءِ مقابلو ڪري مارڻ جهڙا ناهن رهندا، هو ڌاڙو هڻن، ماڻهو اغوا ڪرڻ سميت هر گناھه ڪرڻ جهڙا ٿي پوندا آهن.
پوليس پوءِ مقابلو ڪرڻ جهڙي ناهي رهندي، هوءَ وس وارن جي وس هيٺ ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿيندي آهي، امن جي بحالي ۽ مغوين جي بازيابي جهان خانن جي تعاون سان ٿيندي آهي، موٽ ۾ جيڪو طئه ٿئي اهو ڪرڻ جو حڪومت پابند رهندي آهي. اهڙي حالت ۾ اول ته تڪڙ ڪري پوليس آپريشن ڪانه ڪندي آهي پر جي ڪندي آهي ته، اڳي ڊي ايس پي رائو شفيع ۽ تازو منور جتوئي، عبدالخالق سولنگي ۽ حسيب شيخ جهڙا اهلڪار شهيد ڪرائي وجهندي آهي.

مون 27 آگسٽ 2019ع تي پنهنجي هڪ آرٽيڪل “سنڌ پوليس کي صوفي ٿي وڃڻ گهرجي، ٻيو ڇا؟” ۾ لکيو هو:
“انهيءَ تلخ تجربي کانپوءِ ڪهڙو آفيسر تڪڙ ڪندو ۽ اغوا جي واردات تي پوليس جي نفري وٺي ڪچي ۾ لهي ويندو ۽ توقع ڪندو ته پويان پوري علائقي جي پوليس ايندي ۽ ڌاڙيلن کي ڊڪائي ڊڪائي مارينداسين، هاڻي هو اهڙي سورهيائي نه ڪندو. وس وارن ڀوتارن کان لڪي لڪي ساهه کڻندو پر جيڪو هونئن همت ساريندو هو، سو رائو شفيع الله جو انجام ۽ ننڌڻڪائي ڏسي اهڙيءَ تان لهي ويندو، چوندو جڏهن هيٺ مٿي ٺهيو ڪرڻ جو جهان ٺهيو پيو آ ته مون کي ڪهڙي پئي آ جو سندي ڳچي ڳچ ڪريان، يڪدم پاڻ کي رائو شفيع الله جي جاءِ تي رکندو ۽ پنهنجن ٻارن کي هن جي ٻارن جي جاءِ تي روئيندي تصور ڪندو، وڌيڪ ڀاڙي کيس اهو تصور ڪندو.”
اڄ اهڙو ئي هڪ تلخ تجربو پوليس کان حوصلو کسڻ جي ڪندو هوندو. پر جيڪا سردار ۾ هٿ پوڻ واري خبر آئي آهي اها ٻي ڳالهه آهي، تمام دير سان ٿي آهي، گهڻو اڳ ٿيڻ گهرجي ها، اهو فقط هڪ مثال آهي، جڏهن ته امن جي قتل ۾ کوڙ هٿ هوندا، جن کي سوگهو ٿيڻ کپي. پر اصل سوگھو ته سياست جي ان مصلحت کي ٿيڻ گهرجي جيڪا اهڙن ڪردارن کي سگهارو بڻائيندي آهي.
آهستي آهستي ئي سهي پر سنڌ جا سردار به هاڻي قصن جا ڪردار ٿيندا پيا وڃن، ماڻهن هنن کي هاڻي پُٺي ڏيڻ شروع ڪئي آهي، جيستائين جهونا باقي تيستائين ڪاڻِ، پر پوءِ به ڇڪتاڻ! هو جيڪو ڪڏهن دنگَ ورهائيندو هو ۽ ننگ پرڻائيندو هو اڄ ان کي ڪاڄن ۾ مَسَ ٿو ڪانڍيو وڃي، هي جيڪو نسل پڙهي لکي پيو، ڏاڍو پاڻَ وهيڻو ٿو ڏسجي!
سنڌ سندن جاگير هئي، پر اڄ اها هنن جي هٿن مان واريءَ وانگر نڪرندي پئي نظر اچي، جاگير جي تشريح هاڻي تعليم ڪري رهي آهي، ماڻهو “ملڪيت” جي اسم کان الڳ ٿي رهيا آهن. جاگيرداراڻا قدر بدلجي رهيا آهن، تعليم تصور تبديل ڪري ڇڏيا آهن، ماڻهو هاڻ واڙڻ ۽ ڇوڙڻ لاءِ وٿاڻ جو چوپايو ناهن….