بخشاپور (ن پ ا) بخشاپور لڳ ڳوٺ محمد صديق ڇڄڻ ۾ 23 ورهين جي صحبت پٽ نورالله ڇڄڻ پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، وارثن نوجوان کي زخمي حالت ۾ مياڻي ٿاڻي آندو، جتان ليٽر بعد نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت هجڻ ڪري رحيم يار خان جي اسپتال نيو ويو، علائقي واسين جو چوڻ هو ته نوجوان گهرو پريشانين سبب پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي جي ڪوشش ڪئي آهي.