بحريه ٽائون آڏو احتجاج ۽ پر تشدد واقعا

0
193

بحريه ٽائون ڪراچي جڏهن سرڪاري زمين حاصل ڪئي ته هنن ان زمين جي ڀرپاسي ۾ قائم هڪ مدرسي جي انتظاميا کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مدرسي جي زمين بحريه ٽائون کي ڏني وڃي ۽ ان جي بدلي ۾ ٻي زمين جتي چون وٺي سگھن ٿا. ان مدرسي جي انتظاميا هڪ ڀيرو نه پر ڪيترائي ڀيرا اهڙي آڇ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. بحريه جي ضرورت ايئن هئي ته ان جي مک دروازي جي ڀر ۾ ئي مدرسو ڪيترن ئي سالن کان قائم آهي، جتي سوين ٻارڙا ديني تعليم حاصل ڪندا آهن. بحرين جي تنگ ڪرڻ کانپوءِ مدرسي جي مهتمم جيڪو آغا صاحب جي نالي سان مشهور آهي، ان شرط رکيو ته انهن سمورن ماڻهن کي رقم واپس ڪئي وڃي جن مدرسو قائم ڪرڻ کان وٺي ان کي هلائڻ لاءِ هيل تائين چندو ڏنو آهي. ان شرط تي ته عملدرآمد ڪنهن به صورت ۾ ممڪن نه هو.هڪ طرف اهو معاملو هو. بحريه جي ٻئي پاسي هڪ هوٽل قائم آهي، ان کي به زمين ڏيڻ جي پرڪشش آڇ ڪئي وئي پر هوٽل جي پٺاڻ مالڪ به انڪار ڪري ڇڏيو. بحريه بهرحال ڪيترائي هزار ايڪڙ جيڪا 44 هزار ايڪڙن کان وڌيڪ ٻڌائي ٿي وڃي، سرڪاري زمين پيپلزپارٽي جي قيادت جي سهڪار سان حاصل ڪري ورتي آهي. بحريه ٽائون جي ان زمين کي سپريم ڪورٽ گھٽ قيمت تي خريد ڪيل زمين قرار ڏئي بحريه ٽائون کي پابند ڪيو ته اهي سپريم ڪورٽ ۾ چار سئو سٺ ارب رپيا قسطن جي صورت ۾ جمع ڪرائين. بحريه ٽائون جي انتظاميا بيوس ٿي سپريم ڪورٽ جي آڏو جھڪي وئي. اهو ڪهاڻي جو هڪ حصو آهي ته بحريه ٽائون اسڪيم تي ڪاميابي سان ڪم شروع ڪري ڇڏيو. ڪهاڻي جو ٻيو حصو اهو هو ته بحريه انتظاميا اهو سمجهيو ته ان جي حاصل ڪيل علائقي ۾ اهو سڄو علائقو به گھرجي جيڪو انهن طئه ڪيل حدن ۾ اچي ٿو. ڪهاڻي ۾ ان ئي وقت اهو موڙ آيو جڏهن بحريه ٽائون جي انتظاميا ملير پوليس جي مدد سان قبضو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. پوليس جي سربراهي حڪومت پنهنجي وقت جي بدنام پوليس آفيسر رائو انوار جي حوالي ڪري ڇڏي هئي ۽ رائو انوار کي اهو حڪم ڏنو ويو هو ته بحريه ٽائون جيڪو ڪجھه به ڪري ان جي پوري طرح پٺڀرائي ڪئي وڃي. رائو انوار جي واردات جو طريقو اهو هو ته جنهن ان جي ڳالهه نه مڃي ان کي کنڀي ويو، نجي ٽارچر سيلن ۾ آڻي انهن تي تشدد ڪيو ويندو هو ۽ تشدد کان تنگ ٿي ماڻهو انهن پاران ڏنل ڪاغذن تي پنهنجي زمينن تان هٿ کڻڻ جو لکي ڇڏيندا هئا.
رائو انوار اهو پوليس آفيسر آهي جنهن هڪ پٺاڻ نوجوان نقيب الله کي بنا جواز مبينا قتل ڪيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ان کي “بهادر ٻچو” قرار ڏنو هو. بهرحال بحريه ٽائون پاران قبضو ڪرڻ جي مهم جاري آهي. ڪراچي جي هن علائقي ۾ جنهن کي گڏاپ جي نالي سان ياد ڪيوويندو آهي، قديم رهائش رکندڙ گبول، جوکيا ۽ ٻين ذاتين جا هزارين ماڻهو شامل هئا. اهي زمينون انهن جي ابن ڏاڏن جي زماني کان انهن جي ملڪيت آهن، جن تشدد سهڻ باوجود زمين تان هٿ نه کنيو، انهن جي زمينن تي بلڊوزر هلايا ويا ۽ کين چيو ويو ته وڃو پنهنجون زمينون ڳولي وٺو. متاثر ماڻهو عدالتن ۾ ويا پر انهن جي ڪيسن جون ٻڌڻيون وقت تي نه ٿي سگھيون. ماڻهو دير جو الزام به حڪومت تي هڻن ٿا. هر خاص ۽ عام زبان تي آهي ته بحريه جي ان اسڪيم ۾ پيپلزپارٽي جي وڏن جي ڀائيواري آهي، ان ڪري ماڻهن جي داد رسي جو ڪو معاملو ئي نه ٿي سگھيو. متاثرن خابرو ذريعن جو هر دروازو کڙڪايو پر انهن موجب انهن جي داد رسي ان ڪري نه ٿي سگھي جو خابرو ذريعن ڪنهن واقعي جو نوٽيس ئي نه ورتو، جيئن ڪجھه ٿيو ئي نه هجي. بحريه انتظاميا جي دٻاءُ کي فيضو گبول نالي شخص کي به منهن ڏيڻو پيو. هاڻي ته اهو فوت ٿي ويو آهي پرهن پنهنجي زمين نه وڪڻڻ لاءِ بحريه ٽائون جي مالڪن کان ماءُ جي قيمت پڇي ۽ چيو هو ته ڀلا ماءُ جي به قيمت ٿي سگھي ٿي؟ جڏهن ماءُ جي قيمت ئي ناهي هوندي ته آئون پنهنجي زمين ڇو ۽ ڪيئن وڪڻي سگھان ٿو! لاجواب ڪري فيضوبحريه جي مالڪن کي واپس ڪري ڇڏيو هو.
بحريه ٽائون انتظاميه گذريل ٽن مهينن کان علائقي جي ان حصي ۾ سرگرم ٿي، جيڪو انهن کي نه ملي سگھيو هو. بلڊوزر کڻي پهچي ويا ۽ ماڻهن جي اڏاوتن ۽ ڳوٺ کي بلڊوز ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. بلڊوزر جي مقابلي ۾ هٿين خالي ماڻهن پٿرن جو سهارو ورتو ۽ ڳالهه ان وقت ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي وئي جڏهن قومپرستن کي احساس ٿيو ته قديم ماڻهن کي انهن جي قديمي زمينن تان انهن جي راضپي کان سواءِ ئي بي دخل ڪيو پيو وڃي. مزاحمت لاءِ تيار ماڻهو مٿو ڳنڍي ويهي رهيا ۽ انهن مزاحمت جو فيصلو ڪيو. فيصلو ڪيو ويو ته 6 جون تي بحريه ٽائون جي مک گيٽ تي ڌرڻو هنيو وڃي ۽ انتظامه کي چتاءُ ڏنو ويو ته زمينون ڌمڪين، داٻن سان زوري خالي ڪرائڻ کان پاسو ڪيو وڃي. عام راءِ تيزي سان ٺهي ته سڄي سنڌ مان ماڻهو ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيڻ۽ قديم آبادين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پهچي ويا. سبب ڪهڙو هو؟ ڇا اهو بحريه ٽائون سان نفرت جو اظهار هو؟ ڇا اها پنهنجي حڪومت جي قيادت کان نفرت جي علامت هئي يا مقصد رڳو اهو هو ته بحريه ٽائون کي چتاءُ ڏنو وڃي ته مڙي وڃو، هاڻي گھڻو ٿيو. ڌرڻي دوران ڪجھه ماڻهو پرتشدد ڪاررواين تي لهي آيا. مطلب اهو سڀ ڪجھه ٿي ويو. بحريه ٽائون ۾ رهندڙ ماڻهن لٽ مار، جلاءَ گھيراءُ جي واقعن تي ڪاوڙجو اظهار ڪيو. ڪجھه ماڻهن جو چوڻ آهي ته اهو ايئن ئي هو جيئن محترمه بينظير جي شهادت واري ڏينهن 27 ڊسمبر 2007ع تي پيش آيو هو. باهه لاءِ استعمال ڪيل ڪيميڪل جي باري ۾ به اهو ئي چيو پيو وڃي ته جيڪو منٽن ۾ هر شيءَ کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندو آهي. بحريه ٽائون جي مک گيٽ تي تعمير ٿيل تمام ئي وڏي يادگار نشاني کي به ڏسندي ئي ڏسندي ساڙي رک ڪيو ويو. هر پاسي ڪاري دونهين جا ڪڪر هئا. ايئن لڳي رهيو هو ته اهو ڪارن ڪڪرن ۾ تبديل ٿي ويو آهي. احتجاج ختم ٿي ويو پر ڪيترائي سبق ڇڏي ويو آهي ته عوام اڄ جي دور ۾ ڪنهن کي به ڪالونائزيشن جي اجازت نٿا ڏئي سگھن. ماڻهو پنهنجي ابن ڏاڏن جي يادگارن جي ملڪيت ڪنهن کي به نٿا ڏئي سگھن. گارڊن جي حفاظت امن لاءِ هوندي آهي، جنگ جي حالت ۾ ڪم ناهي ايندي. ان احتجاج جي صورت ۾ بحريه ٽائون جي حدن ۾ جلاءُ گھيراءُ، ماڻهن جي ملڪيتن تي حملو ۽ نقصان پهچائڻ، تشدد جي ڪري بحريه ٽائون جي ساک بري طرح متاثر ٿي آهي. بحريه ٽائون سخت نگراني ۾ هوندو آهي. ڊيوٽي تي هر وقت هٿياربند گارڊ موجود هجن ٿا، پر گارڊ ته ضرورت وقت پنهنجون بندوقون ۽ هٿيار به اڇلائي جان بچائڻ ۽ پناهه لاءِ ڀڄي ويندا آهن. هڪ ڌر جي راءِ آهي ته احتجاج ۽ هنگامي کانپوءِ بحريه ٽائون جي ساک کي ظاهري طور نقصان پهتو آهي پر افواهه اهي به آهن ته ان نقصان کي به اهي پنهنجن ئي مفادن ۾ استعمال ڪندا. جيڪي به ماڻهو خوف جي ڪري ڀڄندا، بحريه ٽائون انتظاميا انهن کان سستي اگھه تي انهن جي زمين يا جاءِ خريد ڪري وٺندي. چيو ويندو آهي ته انهن جو ڪاروبار ڪرڻ جو هڪ طريقه واردات اهو به آهي. جيڪو ڪجھه به ٿيو، ان جي ڪري بحريه ٽائون ۾ رهندڙ يا ڪاروبار ڪندڙن کان سواءِ عام ماڻهن کي به سخت عدم تحفظ پيدا ٿيو آهي ته انهن جا محافظ ڪٿي هئا؟