لنڊن/نيويارڪ(م ڊ) بحريا ٽائون جي سنڌ جي ڳوٺن تي قبضي ۽ والار خلاف دنيا جي مختلف ملڪن ۾ به احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ورلڊ سنڌي ڪانگريس پاران لنڊن ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪميشن آڏو احتجاج ڪيو ويو، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ برطانيا ۾ رهندڙ سنڌين شرڪت ڪئي، هنن نعريبازي ڪئي ۽ بحريا ٽائون جي والار ختم ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو. نيويارڪ ۾ سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا پاران گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر جي ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جڏهن ته ڪئناڊا ۽ بين ملڪن ۾ به مظاهرا ڪيا ويا.