اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پ پ اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته بجيٽ جا نتيجا قيمتن ۾ اضافي جي صورت ۾ اچڻ شروع ٿي ويا آهن، هڪ ڏينهن پيٽرول ته ٻئي ڏينهن بجلي جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو، هن چيو ته اوهان بجلي ئي نه ڏئي رهيا آهيو ته بجلي جي قيمتن ۾ واڌ ڇو ٿا ڪريو؟ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي، هن چيو ته سڀ کان وڌيڪ حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته هاڻي هڪ آرڊيننس وفاقي حڪومت کي ڪنهن مشاورت بنا بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جو اختيار ڏئي ٿو.