ڪراچي (نمائندن وٽان) باکوڙي جي شهيدن روپلو چولياڻي، سرائي قربان کھاوڙ شھيد نور الله تنيو شھيد ماسات جکراڻي شھيد نادر بگٽي جي ڏهين ورسي ملهائي وئي، ان ڏس ۾ تي جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سورهيھ سنڌي، باغي راڄپر ،انور بڙدي جي اڳواڻي ۾ مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي ترانو پڙهي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سورهيھ سنڌي چيو ته باکوڙي جا شهيد سنڌ جا امر شهيد آهن جن ساھ ڏئي ويساهه بحال ڪيو شهيدن جو رت انقلاب جا دڳ هموار ڪندو آهي. باکوڙي جي شهيدن کي زندھ ساڙي خوف جي فضا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر سيد جا فڪري پيروڪار سمورن تڪليفن کي منهن ڏئي اڄ به سنڌ جي آزادي لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن شهيد پارٽين جي ملڪيت نه پر ڌرتي ۽ قوم جي ملڪيت آهن. شھدادڪوٽ ۾ شھيد سرائي قربان کھاوڙ يادگار ڪاميٽي پاران ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي پنھل ساريو ۽ امير آزاد پنھور جي اڳواڻي ۾ غريب آباد کھاوڙ ھائوس کان ريلي ڪڍي شھيدن جي مزارن تي پھچي گلن جون چادرون چاڙھي قومي تراني سان ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، امير آزاد پنھور، پنھل ساريو، وقار ملاح سورھيه سنڌي، سرائي شير خان کھاوڙ، سرائي زين کھاوڙ ۽ ٻين چيو ته شھيدن جي ڏنل عظيم ۽ لازوال قرباني کي سنڌي قوم ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهي.