باڊهه ( ن پ ا )  باڊھه جي پيارو خان پاڙي ۾ 14 ورهين جي نينگري رابعا ڌيءُ عبدالغفار بروهي ڦاهو کائي مبينا طور زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، اطلاع تي باڊھه پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو جتان پوسٽم ارٽم بعد نينگري جو لاش وارثن حوالي ڪيو، لاش گهر  پهچڻ تي سندس گهر  ۾ ڪهرام مچي ويو، هوڏانهن نينگري جي وارثن موجب نينگري گهريلو مسئلن سبب ڊپريشن جو شڪار رهندي هئي، سندس والد پڻ ڪجهه عرصو اڳ فوت ٿي چڪو هو.