باھو کوسو (ن پ ا) باھو کوسو جي راجا ڪالوني مان چور نصير لاشاري جي گھر مان مينھن ڪاهي ويا، پوليس ۽ ڀاڳين پيڇو ڪيو ته چور ڳوٺ شير علي بروھي لڳ مينھن ڇڏي ويا،ھوڏانھن ڳوٺ سونو نوناري ۾ ڌڻي بخش نوناري جي گھر جي ڀت ٽپي چور موٽرسائيڪل ۽ ٻه سولر پليٽون کڻي ويا،باھو کوسو ٿاڻي جي حد پراڻي ڪٽ وٽ ھٿياربندن باھو کوسو پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري مبارڪ بليدي جي ڀائيٽي راجا بليدي کان سارين سان ڀريل ٽريڪٽر ڦرڻ لاءِ اڳ جھليو ته ڊرائيور ٽريڪٽر ٽرالي نه روڪي ھٿياربندن فائرنگ ڪئي، ڳوٺاڻا ۽ پوليس پھچڻ تي ھٿياربند فرار ٿي ويا.