ڪراچي(اسپورٽس نيوز) وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي خاص مددگار ذلفي بخاري اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر شعيب اختر جو هڪ اوور کيڏڻ وارو چيلنج قبول ڪندي موٽرسائيڪل کٽي اها خيرات ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، شعيب اختر ڪجهه ڏينهن اڳ اداڪار فهد مصطفيٰ کي چيلنج ڏنو هو ته هو 6 بال کيڏي وٺي ته انعام ۾ موٽر سائيڪل ڏيندو. ذلفي بخاري ٽوئيٽ ۾ چيو ته آئون توهان جو چيلنج قبول ڪريان ٿو، شعيب اختر جواب ۾ چيو ته هي ڏسو هڪ ٻيو چيلنجر اچي ويو آهي، خيريت ته آهي؟ ذلفي بخاري چيو ته ها دوست سڀ خيريت آهي سنجيده آهيان، توهان جي هر بال کي مس ڪندس ۽ انعام واري موٽرسائيڪل عطيو ڪري ڇڏيندس. شعيب اختر چيو ته هي معاملو سنجيده ٿيندو وڃي اها ڳالهه آهي ته توهان کي هر بال تي موٽرسائيڪل ڏيندس، شرط آهي ته هر بال بيٽ سان ڇهندئو؟ پوءِ ڇا ٿا چئو ڪڏهن ٿا چيلنج قبول ڪريو؟