باري پتافي پاران نادر اڪمل لغاري جي نااهلي لاءِ اعتراض داخل

0
67

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ باري پتافي ميرپور ماٿيلو جي صوبائي تڪ پي ايس 19 تي آزاد اميدوار نادر اڪمل لغاري جي نااهلي لاءِ اعتراض داخل ڪرائي ڇڏيا

باري پتافي جي وڪيل پاران داخل ڪرايل اعتراض ۾ چيو ويو آهي ته نادر اڪمل لغاري آمريڪي شهريت رکي ٿو

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ٻٽي شهريت سبب کيس چونڊ وڙهڻ لاءِ نااهل قرار ڏنو وڃي

پي ايس 19 تي مقرر آر او پاران نادر اڪمل لغاري جي ٻٽي شهريت ڇڏڻ واري سرٽيفڪيٽ جي جاچ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

آر او 29 ڊسمبر تي اڳوڻي صوبائي وزير باري پتافي ۽ آزاد اميدوار نادر اڪمل لغاري کي طلب ڪري ورتو آهي