اڻکٽ تارن هيٺان اگهائي منجھه اڪيلو ماڻھو

0
190
موت ميندي کيت جا

جيتوڻيڪ  هن وقت جتي دنيا ۾ انتهاپسندي ۽ بي راهه روي وڌي آھي، اتي انساني احساسن ۾ ڪمي آئي آھي،آئون جڏھن هن وقت لکي رهيو آھيان ته مون کي رومي جو هي شعر ياد ٿو اچي.

دي شيخ با چراغ ھمي گشت گرد شھر

کزدام ودد ملولم وانسانم آرزو ست

  ڪلهه رات شيخ چراغ کڻي شھر جي چوڌاري ڦري رهيو هو ۽ چئي رهيو هو ته پسون پسي ملول ٿي پيو آھيان ۽ مون کي انسان جي آرزو آھي، مولانا رومي ته ساري زندگي امن ، سڪون ۽ انسانيت جو متلاشي رهيو، هن جي شاعري تصوف سان ڀرپور آھي تصوف ۾ اهي انساني احساس چٽيل آھن ، جن ۾ جڏھن ماڻھو گم ٿئي ٿو ته هن ڪائنات جا سارا لڪل راز پڌرا ٿي پون ٿا ۽ هي دنيا بهشت جهڙي ٿي وڃي ٿي. تصوف سارو عدم تشدد آھي، افسوس هن وقت دنيا ۾ تشدد ۽ انارڪزم وڌي رهيو آھي، انارڪزم يوناني ٻولي جي انارڪيا، anarchiaجي معنيٰ آھي،“ قانون جي عدم موجودگي” انارڪزم هڪ سياسي نظريو آھي، جيڪو هر منظم اختيار کي رد ڪري ٿو، انارڪسٽ جي خيال ۾ سرڪار بري ۽ ظالم آھي، هو فردن جي آزاد انجمن چاهين ٿا جنهن ۾ نه فوج هجي، نه عدالتون، نه قيد نه وري ڪو قانون هجي. بڪونن، ميخائل اليگزانڊرووچ، پرنس ڪروپٽڪن، پيوٽر اليڪسيوفچ، پروڌان پئري جوزف، ٽالسٽاءِ وغير مختلف قسم جا انارڪسٽ ٿي گذريا آھن. ڪجھه ملڪن ۾ ان جون تنظيمون به جڙيون هيون، ليڪن اهي تنظيمون اڳيان هلي اتي ئي بيهي رهيون ، اهي منظم تنظيمون ته اڳيان ڪو نه وڌيون، ليڪن اها سوچ دنيا ۾ اڄ ب موجود آھي،جنهن سبب پورهيت ماڻھو گهڻو ڀوڳي ٿو.

 ٿر سميت سرائيڪي پٽي جي پورهيت طبقي ۾ اڄ به انسانيت ۽ احساس لڀن ٿا، جيتوڻيڪ اهي علائقا خود به  رومانوي ڪهاڻين جي پس منظر جهڙا آھن، شايد اهوئي اتي احساسن هئڻ جو سبب هجي. ٿر توڙي سرائيڪي پٽي وارا اهي علائقا گهڻوڪري  تضادن ۽ تشدد کان خالي آھن. اها ٻي ڳالهه آهي ته هاڻي اتي به اهڙا تشدد ڀريا واقعا ڪڏھن سرزد ٿين ٿا. سرائيڪي پٽي ، لاڙ ۽ ٿر جي فطري سونهن ڏاڍي دلڪش آھي، ٿر جي هڪ ڀٽ کان ٻي ڀٽ تائين ڏھرن وچ ۾ خاموشي جي هڪ وادي هوندي آھي، جڏھن سانوڻ ۾ ڀٽن تي مور ٻوليندا آھن ته انهن خاموش وادين ۾ غلغلو مچي ويندو آھي.مون سارو ٿر نه فقط گهمي ڏٺو آھي پر اڪثر علائقن ۾ راتين جون راتيون رهي اتان جي سهپ، برادري، ريتن رسمن  صبر ۽ احساسن کي خوب پرکيو آھي. مون کي اها رات به ياد آھي جنهن رات آئون ٿر جي ڳوٺ گهوڙا لسي ۾ رهيل هوس،جيستائين چنڊ اڀري ان کان اڳ اوطاق جي ڪنڊ ۾ ديپ جلي رهيو هو. ديپ جي تيل جي خوشبو ولين جي خوشبو سان ملي هڪ عجيب محسوسيات پيدا ڪري رهي هئي، ڪجهھ گهڙين کان پوءِ چنڊ ڀٽ تي جهنڊولن وڻن مان نڪري رهيو هو ۽ سامهون ٽلين جا آواز ٻڌڻ ۾ اچي رهيا هئا. ڀٽ تان ڪنهن ماڻھو جو ڌنڌلو دڦڪ سامهون ايندي نظر ٿي آيو، اهو ڌنڌلو دڦڪ ويجهو ايندي ئي منهنجي کٽ جي برابر اچي ڦان ٿي فرش تي ويٺو ۽ هڪ ٿڪ جو شوڪارو ڇڏيائين .مون ڪنڌ ورائي ڏٺو ته سانوڻ لنجو ، سانوڻ جيتوڻيڪ زندگي جي وچين کي وڃي رسيو هو پر هن اڃان تائين به چوپائي مال ٿي چاريو.هن ان رات ٻڌايو هو ته اسان پورهيت  ماڻھن جي زندگي هڪ ننڍي قيامت  جهڙي آھي، جنهن ۾ ڪير به ڪنهن جو ناهي، جيئن قيامت ڏينهن هر ماڻھو کي پنهنجا ئي عمل ڪم اچڻا آھن، ايئن هتي به هر ماڻھو کي پنهنجو پئسو ڪم ٿو اچي، جڏھن آئون بيمار ٿيو هوس،ويلن جا ويلا اسان کي بک تي ڪٽڻا ٿي پيا.هڪ دفعي ملهار نالي نوجوان مون کي ٻڪري ڏني هئي ته جيئن آئون ڪجهھ اٽو ۽ سامان گهرائي گهروارن جي بک اجهايان.

گذريل هفتي جڏھن سنڌي ٻولي جي مشھور ڪهاڻيڪار ماڪن شاهه مون کي فون تي سندس تلخ زندگي ۽ بيماري بابت ٻڌائي رهيو هو ته مون کي سانوڻ جون ڳالهيون ياد ٿي آيون. ماڪن شاهه جي ڀيٽ بنگالي اديب ۽ شاعر ٽئگور رابندرناٿ، چلي جي شاعر ۽ سفارتڪار پبلو نرودا يا وري روسي شاعر پشڪن سان ته ڀيٽي نه ٿي سگهجي پر هن سنڌي ٻولي کي جيڪي ڪهاڻيون ۽ ناول ڏنا، اهي سنڌي ادب ۾ پنهنجي جاءِ تي پرهه جي ستارن جيان آھن. ماڪن شاهه جي ابتدائي زندگي خوشين سان ڀرپور جڏھن ته پيري اضطراب ۾ گذري رهي آھي. هن جيڪو وقت ادب جي خدمت ۾ گذاريو، ان جو سلو کيس اهو پيو ڏنو وڃي جو هن وقت کيس ڪو پڇڻ وارو ئي ڪونهي. هو هن وقت بيماري جي بستري تي بي سهارو پيل آھي، هونئن پيري ته وڏو روڳ هوندي آھي پر جڏھن ڪوئي ماڻھو هٿين خالي هجي ۽ بيمار به  هجي ته ان وقت ان ماڻھو کان پنهنجا ۽ پراوا سڀ پري ٿي ويندا آھن. ماڪن شاهه جهڏي جي باغن ۾ ڪيترو گهميو ڦريو هو ان جي ته ڪائي خبر ناهي، ليڪن ريڊيو پاڪستان جي باغيچي ۾ ھو ٻه ڏھاڪا کن گهميو ڦريو، جڏھن هو ريڊيو پاڪستان تي انائونسر طور ڪم ڪندو هو. هو جڏھن سندس بيماري ۽ بيوسي متعلق مون کي ٻڌائي رهيو هو ته مون کي ترڪي جي مشھور فلاسافر ابوالنصر فارابي جا اهي لفظ ياد اچي رهيا هئا جيڪي ڪافي عرصو اڳ مون ڪنهن ڪتاب ۾پڙھيا هئا، جنهن ۾ ھن لکيو هو ته “آئون پنهنجي گهر ۾ اڪيلائي جي گوشي ۾ ويٺو آھيان ،ڇو ته مون ڏٺو آھي ته زمانو پنهنجو منهن ،موت ۾ وجهي ويٺو آھي، صحبت مان ڪوئي فائدو نه آھي جيڪي ماڻھو وڏن عهدن تي آھن اهي سڀ غم ۽ اوندهه جا شڪار آھن۽ ھر ڪوئي ڪنهن نه ڪنهن درد ۾ مبتلا آھي.”

ماڪن شاهه سان هن حال ۾ سرڪاري توڙي ادبي لڏي جي ماڻھن ڪيتري همدردي ۽ سهائتا ڪئي آھي، هو اها ڳالهھ ورجائي غم ۾ ٻڏي ٿو وڃي. هو هن وقت جسماني بيماري سان گڏ يوناني شاعر هومر جيان  اکين جي نور کان به محروم ٿي ويو آھي، هومر بادشاهن جي درٻارن ۾ ھڪ چارڻ وانگر پنهنجو رزميا نظم ڳاتو هو. هن جا ڳاتل اصل لفظ ھينئر ڇپيل لفظن سان ڪيترا ملندڙ آھن، اهو چئي نه ٿو سگهجي پر اها ڳالهه واضح آھي ته آڊيسي يا هومر جو ٻيو ڪلام جو، اليڊ iliadجي نالي سان مشھور آھي، اهو زباني ياد هو، جيئن اسان وٽ آڳاٽي زماني ۾  بيت ۽ دوها ڀٽن ۽ ڀانن کي زباني ياد هوندا هئا. ماڪن شاهه ٻڌايو ته سندس اکين تي موتيو اچي ويو آھي، جنهن ڪري هو پڙھڻ لکڻ کان محروم ٿي ويو آھي.هن ٻڌايو ته هو هن وقت حيدرآباد ۾ مسواڙي گهر ۾ زندگي جا ڏينهن پيو ڪٽي، بيماري جي پيڙا ۾ ساري رات جاڳي گذاري ٿو.

اوندهه ۾ جو ڪويل ڪوڪي

وڻ تان اڻکٽ تارن هيٺان

آئون اگهائي منجهه اڪيلو

ان کي ويٺو ساٿي سمجهان

ان وانگر مون ڪوڪي

رات گذاري آھي

راتيون بيمار ماڻھو به گذاري ٿو ته صحتمند ماڻھو به گذاري ٿو، ليڪن بيمار ماڻھو لاءِ ھر ايندڙ رات ڪيڏو نه پيڙا ڀري هوندي آھي،اسان وٽ الائي ڇو همدري ۽ احساس مري چڪا آھن، اهي احساس نه فقط ڪنهن ناليواري اديب، شاعر، راڳي لاءِ هجڻ کپن، پر اهي احساس هر انهي ماڻھو لاءِ ھجن جيڪو ڪکائين جهوپڙين، وڻن جي ڇانورن يا فٽ پاٿن تي زندگي گذارين ٿا. مون کي سنڌ جوهڪ ٻيو ناليوارو ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس علي بابا ياد پيو اچي، ان جي هڪ ويجهي مائٽ ڇوڪري هڪ ڏينهن مون کي ٻڌايو ته هو هاڻي بيماري ۽ بيروزگاري سبب بکون ڪاٽي رهيو آھي/جڏھن هو اڃان زنده هو، ته ان وقت مون هڪڙي ٻي ناليواري اديب سان سندس ان قسم پرسي جو ذڪر ڪيو ته هن  چئي ڏنو اهو موالو لڏو آھي، ان ڏينهن مون سوچيو هو ته  واقعي ئي انساني همدري دنيا مان ختم ٿي چڪي آھي،احساس مري ويا آھن.هن وقت جڏھن سنڌ جو ڪهاڻيڪار ماڪن شاهه سخت بيمار آھي ته اتي ڪنهن ڪهاڻيڪار ۽ اديب جي ناتي نه ئي سهي، پر انساني ناتي ان جي سهائتا ٿيڻ گهرجي ان جو علاج ٿيڻ گهرجي. پيرن تي بيٺل اسان جا اديب شاعر،ادارا ۽ سرندي پڄندي وارا ماڻھو  ماڪن شاهه جي بيماري تي خاموش آھن،  جيڪا افسوس جي ڳالھ آھي.  پرافسوس وري انهن ماڻھن تي ٿيندو آھي، جيڪي جڏھن  اسان جو ڪوئي اديب شاعر ۽ راڳي هن دنيا کان هليوويندو آھي ته هو انهن جي تڏن تي يا وري ورسين ۾ انهن سان محبتن جو ڪوڙو راڳ آلاپي ۽  ساڻن  همدرين جا ٻٽاڪ هڻي واهه واهه ڪرائي هليا ويندا آھن.