اڳ ۾ چانڊيا گهٽ ڌاڙيل هئا، پوءِ ته گهڻا ڌاڙيل ٿيندا: برهان خان چانڊيو

0
364
اڳ ۾ چانڊيا گهٽ ڌاڙيل هئا، پوءِ ته گهڻا ڌاڙيل ٿيندا: برهان خان چانڊيو
اڳ ۾ چانڊيا گهٽ ڌاڙيل هئا، پوءِ ته گهڻا ڌاڙيل ٿيندا: برهان خان چانڊيو

دادو (ن پ ا) پي پي ايم پي اي برهان خان چانڊيو پوليس مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل بشير چانڊيو جي تڏي تي پهچي ويو، جتي هن وارثن کي عدالت ۾ 22 اي بي جي درخواست داخل ڪرائڻ  جي هدايت ڪري ڇڏي

برهان چانڊيو بشير چانڊيو جي وارثن کي چيو ته پوليس ڪارروائي نه ٿي ڪري ته توهان ملوث اهلڪارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ عدالت ۾ آئيني درخواست داخل ڪيو

برهان خان چانڊيو ڊي آءِ جي پير محمد ۽ سي ايم سنڌ جي پي ايس او فرخ بشير سان رابطو ڪري چيو ته بشير بيگناھ هو، جيڪڏهن ڏوهي هجي ها ته مان توهان کي نه چوان ها

هن چيو ته بيگناھ ماريندئون ته اها ڳالهه خراب آ، اڳ چانڊيا گهٽ ڌاڙيل هئا، پوءِ ته گهڻا ڌاڙيل ٿيندا، ايس ايس پي عرفان سمون مون سان رابطو ڪري خاطري ڪرائي ۽ منهنجي چوڻ تي ڌرڻو ختم ٿيو، اڃا تائين نه اهلڪار معطل ٿيا آهن نه ئي انڪوائري ٿي آهي، ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪيو

 

 

ھي به پڙھندا

 

 

آسٽريليا جو ليجنڊ اسپنر شين وارن لاڏاڻو ڪري ويو