اڳي ماڻهو پنڌ هلندا هئا ۽ وڻن جي هيٺان ويهندا هئا، هاڻي ماڻهو پنڌ نه ٿا هلن تنهن ڪري وڻن جي اهميت گهٽجي وئي آهي: صوبائي گهرو وزير

0
33

سنڌ اسيمبلي ۾ وڻن جي واڍي بابت پڇيل سوال تي صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار جو عجيب جواب، صوبائي وزير چيو ته اڳي ماڻهو پنڌ هلندا هئا ۽ وڻن جي هيٺان ويهندا هئا، هاڻي ماڻهو پنڌ نه ٿا هلن تنهن ڪري وڻن جي اهميت گهٽجي وئي آهي

 شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس بابت جواب ڏيندي صوبائي گهرو وزير چيو ته صحافي جا قاتل گرفتار ٿي چڪا آهن، ڏوهه ۾ استعمال ڪيل موٽرسائيڪل به هٿ ڪئي وئي آهي، ڪيس جون سموريون شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن

هن چيو ته صحافي جي قاتلن جي گرفتاريءَ تي گهوٽڪي پوليس کي شاباشي ڏيان ٿو، سنڌ سرڪار پاران ڏوهن کي روڪڻ ۽ ڏوهارين جي سڃاڻپ لاءِ ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جي ٽول پلازائن تي ڪيمرائون لڳايون ويون آهن

هن چيو ته جنوري، فيبروري ۽ مارچ ۾ اسٽريٽ ڪرائيم گهڻو هو، هاڻي ڏوهن ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي، ڏوهن جي خاتمي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون

پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت کان کٽيل ميچ هارائي ويو