اڳوڻي چيف جسٽس رٽائرڊ گلزار احمد جي فول پروف سڪيورٽي برقرار رکڻ جو فيصلو

0
207
اڳوڻي چيف جسٽس رٽائرڊ گلزار احمد جي فول پروف سڪيورٽي برقرار رکڻ جو فيصلو
اڳوڻي چيف جسٽس رٽائرڊ گلزار احمد جي فول پروف سڪيورٽي برقرار رکڻ جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي چيف جسٽس گلزار احمد کي سڪيورٽي لاءِ رجسٽرار سپريم ڪورٽ جي خط بعد گهرو وزارت فول پروف سڪيورٽي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، اڳوڻي چيف جسٽس جي سڪيورٽي لاءِ گهرو وزارت کي خط لکيو ويو هو جنهن ۾ چيو ويو ته جسٽس رٽائرڊ گلزار احمد دهشتگردي ۽ عدالت کان مٿانهين قتل سوڌو ٻين اهم ڪيسز جا فيصلا ڪيا آهن کيس رينجرز فراهم ڪئي وڃي،

گهرو وزارت اڳوڻي چيف جسٽس گلزار احمد جي فول پروف سڪيورٽي برقرار رکڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته جسٽس رٽائرڊ گلزار احمد کان سڪيورٽي واپس نه پئي ورتي وڃي جيڪا سڪيورٽي مليل هئي اها برقرار رهندي.