ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) اڳوڻي عالمي نمبر ون ٽينس اسٽار ڪرس ايورٽ ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ٿي وئي آهي. ڪرس ايورٽ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئٽر تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته هو ڪينسر اسٽيج ون ۾ مبتلا ٿي وئي آهي.ٽينس اسٽار چيو ته خوش قسمت آهيان جو ڪينسر جي علامت جو جلد پتو پئجي ويو،، اميد آهي ته ڪيمو جي مثبت نتيجا سامهون ايندا.