ڄام صاحب/سٺ ميل/بڇيري (رپورٽ: بشيراحمد شر+ مبين احمد مري+ عباس لاشاري) شهيد بينظيرآباد ضلعي اين اي 213 تان چونڊيل اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پي ايس 37 تان چونڊيل سندس ڀيڻ ڊاڪٽر عذره فضل پيچوهو جي تڪ ۾ به برسات متاثرتن جي واهر نه ٿي. متاثر اڃا تائين گهر ٺهڻ جا منتظر آهن. اسڪولن جون عمارتون به ناڪارا بڻيل علائقي واسي ترقياتي ڪم ٿيڻ تي مطمئن. مليل اطلاعن موجب اين اي 213 تان چونڊيل اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پي ايس 37 تان چونڊيل سندس ڀيڻ ڊاڪٽر عذره فضل پيچوهو جي تڪ ۾  واقع ٽائون ڪاميٽي ڄام صاحب چئن وارڊن تي مشتمل آھي. ڄام صاحب شھر ۾ روڊن ۽ شھر کي چوطرف باءِ پاس روڊ سميت ڀرپاسي ۾ ڪافي ترقياتي ڪم ٿيا آهن. شھر جي مين گرلس پرائمري  اسڪول جي عمارت، واٽر ڪورس توڙي شاخن ۽ واهن کي پڪو ڪيو ويو آھي. شھرين رسول بخش شر، معشوق علي، شادي خان جٽ، امتياز علي، عمران علي ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو تہ اسان جي علائقي ۾  حاليہ برساتن جي ڪري روڊ تباه ٿي ويا ھئا ۽ ھاڻي سڀ روڊ مڪمل ٿي ويا آھن. ٻوڏ ۾ ڪيترن ئي مسڪين ماروئڙن جا اجها ڊھي پٽ پئجي ويا هئا انھن مسڪينن کي جلد گھرن جا پئسا ڏنا وڃن. ٻئي طرف ساڳين تڪن ۾ واقع سٺ ميل ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ڪافي ترقياتي ڪم ٿيا آهن. ڪجهه اسڪولن جا مرمتي ڪم ٿيا آھن پر ڪيترائي اسڪول ناڪاره بڻيل آھن. آصف علي زرداري سٺ ميل کان بڇيري ۽ نوابشاھ کان سٺ ميل تائين مين روڊ جي تعمير، باء پاس ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو جن جي سروي پڻ ٿي وئي آھي. ڳوٺن کي سوئي گيس ڏيڻ جو واعدو پڻ ڪيو. 54 موري کان سٺ ميل تائين نصرت ڪئنال کي پڻ پڪو ڪيو ويو. ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو بينظيرڀٽو گرلز ڪاليج، لائبريري قائم ڪرڻ ۽ شھر جي قديمي قبرستان جي ايراضي وڌائڻ جو واعدو ڪيو. رھواسين گل رحمان جلباڻي، فاروق علي مري، سيد احسان علي شاھ لڪياري، ڊاڪٽر نور نبي بروھي، ڍولڻ خان ڏاھري، رستم خان چانڊيو ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ بروھي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي علائقي ۾ ڪافي سارا ترقياتي ڪم ٿيا آھن. 2022ع ۾ تباھي مچائيندڙ برساتن سبب علائقو تمام گهڻو متاثر ٿيو آھي ڪافي ماڻھن جا گهر ڊھي پٽ پئجي ويا هئا جن جي سروي سافڪو پاران ڪئي وئي آھي پر اڃا تائين بي گهر ماڻھو گهرن جي تعمير لاء اوسيئڙي ۾ ويٺل آھن. شھر جي اسپتال کي اپگريڊ ڪري ھتان جي رھواسين کي 24 ڪلاڪ سروس ڏني وڃي. بينڪ اي ٽي ايم مشين ۽ نادره آفيس جي سهولت ڏني وڃي. هوڏانهن ٽائون ڪميٽي بڇيري چئن وارڊن تي ٻڌل آھي، بڇيري ٽائون جي ڀرسان ٻه يونين ڪائونسلون عبدلله خان ۽ ناٺياڻي اچن ٿيون. بڇيري ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ڪافي ترقياتي  ڪم ٿيا آهن جنهن ۾ اسڪولن جون عمارتون، بجليءَ  جون نيون اسڪيمون، روڊ رستا ۽ واٽر ڪورس توڙي شاخن ۽ واهن کي پڪو ڪيو ويو آھي. بڇيري جي رھواسين اياز علي زرداري، سومر خان رند، محمد حيات بروهي، عظيم علي لاشاري، الھوڌايو ابڙو ۽ باسط علي زھري پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي علائقي ۾ ترقياتي ڪم ٿيا آھن. جڏهن ته 2022 ۾ تباھي مچائيندڙ برساتن سبب علائقو  تمام گهڻو متاثر ٿيو آھي.ڪافي ماڻھن جا گهر ڊھي پٽ پئجي ويا هئا جن جي سروي سافڪو پاران ڪئي وئي آھي پر اڃا تائين بي گهر ماڻھو گهرن جي تعمير لاء اوسيئڙي ۾ آھن.