اچو ڙي سُورنِ واريون … پَنهنجِي وڍِيءَ جُو وِيڄُ نَه طَبِيبُ!

0
248
اچو ڙي سُورنِ واريون ... پَنهنجِي وڍِيءَ جُو وِيڄُ نَه طَبِيبُ!

 چوندا آهن ته پنهنجن هٿن سان پنهنجون پاڻ کي پهچايل نقصان جو ڪٿي به تدارڪ ناهي هوندو. اهڙي ريت ورهاڱي بعد سنڌ جو جيڪو به نقصان ٿيو آهي، ان ۾ ملڪ تي قابض اسٽيبلشمينٽ سميت ٻيا کوڙ سارا ادارا ته ذميوار آهن ئي آهن، پر سنڌ جي سمورين مصيبتن، غلامين ۽ ذلتن جو ٻين ڪيترن ئي ذميوارن سان گڏ، ان وقت جي بزرگن ۽ اڳواڻن جي ڪيل سياسي غلطين کي ذميواريءَ کان آجو قرار نٿو ڏئي سگھجي. انهن جي ڪيل غلطين سبب سنڌ کي ٿيل نقصانن جو تدارڪ اڄ مُنِي صدي گذري وڃڻ کانپوءِ به اسان ناهيون ڪري سگھيا.

                 پهرين ته جُوش ۽ جُنون ۾ اچي پاڪستان ٺاهيوسين. سنڌ اسيمبلي اها پهرين اسيمبلي هئي، جنهن مسلمانن لاءِ الڳ پاڪ وطن لاءِ قرارداد پاس ڪرائي هئي! ان کان اڳ ۾ هندستان جي مختلف علائقن اندر اڪثريت ۾ رهندڙ مسلمانن کي اپيلون ڪيون ويون ته سنڌ اچي اسان کي هندن جي ظلم کان نجات ڏياريو. لڏي ايندڙ پناهگيرن جا ريلوي اسٽيشنن تي وڏي ڌام ڌوم سان استقبال ڪيا ويا. گُلن جا هار پارائي، ٻُوڙ ۽ پلائن جو ديڳيون رڌي کڻي وڃي کارايون ويون. سنڌ جي جن سياسي اڳواڻن، اُمت مسلمه لاءِ الڳ ملڪ ٺاهڻ جي جُنون ۾ وڏا ڪَشٽَ سَٺَا، ڏينهن رات هڪ ڪري محنتون ۽ جدوجهدون ڪيون، نئون ملڪ وجود ۾ اچڻ کانپوءِ اهي اڳواڻ رُسِي وڃي ميدان کان ئي ٻاهر ويهي رهيا. نتيجي ۾ شروعاتي ڏينهن دوران ئي ملڪ تي مخصوص ٽولي جو قبضو ٿي ويو، جن پنهنجن مستقل مفادن جي تسلط ۽ اقتدار کي هميشه قائم رکڻ لاءِ اسلام، پاڪستان، ملڪي سالميت، جمهوريت ۽  مسلم قوم جي نالي ۾ اختلاف راءِ کي برداشت ڪرڻ بدران بندوق ۽ طاقت جي زور تي فسطائي طريقن سان پنهنجي راءِ ٻين جي مٿان زوريءَ مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. ان جبري، آمريتي ۽ فسطائي سوچ ۽ عمل جو نتيجو 1971ع واري سانحي جي صورت ۾ سامهون اچڻ کانپوءِ به حڪمران پنهنجي آپيشاهيءَ واري اندازِ حڪمراني کان باز اچڻ لاءِ تيار نظر ڪونه ٿا اچن. حڪمرانن جي هر آئيني ترميم، هر قانون، هر هڪ قدم، سموريون پاليسيون ۽ طرزِ حڪمراني سنڌين جي وجود تي هڪ زوردار ضَرب مثل آهن. سنڌين جي سمورن وسيلن ۽ آمدني جي ذريعن تي جبري قبضو ڪرڻ، سنڌين تي فوج ڪشِي ڪرڻ، ڳوٺن تي بمباري ڪرڻ، گھر ساڙڻ سميت هر قسم جي  ڏاڍ، جبر، تشدد، ٽارچر سيلن جي عقوبتن، ڦٽِڪن، سزائن، ڦاسيءَ جي ڦندن ۽ آمريت جي هر طريقي آزمائڻ کانپوءِ به سنڌين کي خاموش ڪرائي، مات ڏياري، پنهنجي قومي شناخت تان دستبردار ڪرائي، سندن شعور ۽ آواز جي سگھ تي بندش لڳائي ناهن سگھيا. تنهنڪري هاڻي هن ملڪ جي مقتدر ڌُرين سنڌين جي وجود، قومي بقا ۽ سندن آفاقي حقِ حڪمرانيءَ تي آخري حملو ڪرڻ لاءِ هٿ ٺوڪي ڊجيٽل آدمشماريءَ ذريعي کين سدائين لاءِ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جو انتهائي خطرناڪ منصوبو رِٿيو آهي. سنڌ لاءِ وڏي افسوسناڪ ۽ خطرناڪ ڳالھ اِها به آهي ته اسان مجموعي طور بحيثيت سنڌي قوم، اِن ايڏي وڏي هيبتناڪ منصوبيءَ خلاف اُهو سگھارو آواز اُٿاري ناهيون سگھيا، جيڪو اُٿارڻ کپي ها. جيتوڻيڪ، ايس ٽي پي، قومي عوامي تحريڪ، جسم، عوامي تحريڪ، ايس يو پي ۽ ڪجھ ٻين فورمن تان احتجاج ڪيا ويا آهن، پر هن وقت تائين حڪمران پنهنجي ان سنڌ دشمن فيصلي تي بضد آهن.

ڊجيٽل آدمشماريءَ خلاف شروع ۾ ترقي پسند پارٽي پڻ سُٺي موومينٽ ڪئي. مارچ مهيني جي مُهڙ ۾ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ڪئمپ قائم ڪري رات ڏينهن مسلسل سترهن ڏينهن احتجاج ڪرڻ سميت ايس ٽي پي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن، اديبن، دانشورن، وڪيلن، صحافين، سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ ساڃاهه وند ماڻهن سان ملاقاتون ڪري سنڌ ۾ هڪڙو سٺو تحرڪ پيدا ڪيو. پر، ان تحرڪ کي برقرار رکڻ ۽ ان ۾ اڃان وڌيڪ طاقت ۽ سگھ پيدا ڪرڻ جي وڌيڪ ضرورت آهي. تنهنڪري ايس ٽي پي سميت سنڌ جي سمورن گھڻگھرن، پارٽين، تنظيمن، فورمن، سول سوسائٽي سميت هر مڪتبهء فڪر جي ماڻهن کي مِڙي مُٺِ ٿيڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته آدمشماريءَ وارو معاملو ايڏو آسان ۽ سادو ڪونهي. هي معاملو تمام گھڻو حساس آهي. هن معاملي سان سنڌين جي ايندڙ نسلن جي بقا ۽ وطن جي سلامتيءَ وارو سوال ڳنڍيل آهي. جيڪڏهن سنڌ دشمن قوتون، نسل پرست ٽولا ۽ اسٽيبلشمينٽ پنهنجي اِن ديرينا خواهش کي عملي جامو پارائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا ته پوءِ؛ “الا! ائين مَ هوءِ، جو ڪتابن ۾ پڙهجي، ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي”.

هن وقت ڊجيٽل آدمشماريءَ واري معاملي تي جماعت اسلامي، تحريڪ انصاف، ايم ڪيو ايم جي سمورن ڌڙن، مذهبي ڌُرين ۽ ڪراچي شهر ۾ غيرقانوني رهندڙ سمورا ڌاريا ۽ دهشتگرد هڪ پيج تي اچي چُڪا آهن. ائين کڻي چئجي ته؛ “مِڙيا مَڇَ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي” واري ڪار لڳي پئي آهي. پر، وطن جا تاريخي وارث غيرمنظم، ڇڙ وڇڙ، لاپرواھ، لاتعلق ۽ پنهنجين ذميوارين کان غافل بڻيل آهن. هن نازڪ موقعي تي سنڌ دوستيءَ جي نالي تي سياست ڪندڙ سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن کي پارٽي شائونزم جو شڪار ٿيڻ بجاءِ، ڊجيٽل آدمشماريءَ جي نالي تي سنڌين سان ٿيندڙ هن ويڌن خلاف گڏجي مقابلو ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته دشمن ڏينهون ڏينهن منظم، متحد ۽ سگھارو ٿيڻ سان گڏ انتهائي خطرناڪ بڻجندو پيو وڃي. پاڻ ڏينهون ڏينهن ڪَڻو ڪَڻو ٿي مُنتشر ٿي رهيا آهيون. تڏهن ته فرانز فينن چيو هو ته؛ “هو مُتحد انڪري آهن، جو اوهان مُنتشر آهيو، هُنن جو اتحاد ئي اوهانجي انتشار جو سبب آهي. جڏهن توهان مُتحد ٿيڻ شروع ڪيو، اُن ڏينهن هُنن ۾ انتشار پوڻ شروع ٿي ويندو. هُنن جي ٻَڌي ٽوڙڻي آهي ته پاڻ ۾ ٻَڌي پيدا ڪريو.”

ايم ڪيو ايم پنهنجي پارلياماني طاقت جي زور تي وزيراعظم کي اعتماد واري ووٽ ڏيڻ تي بليڪ ميل ڪري اهو مڃرائي چُڪي آهي ته ڪراچي شهر جي آدمشماري هٿرادو طور تي وڌيڪ ڏيکاري ويندي، جنهن تي عمل به شروع ٿي چُڪو آهي. ايم ڪيو ايم سميت ٻين جماعتن ۽ نسل پرست گروهن جي ڪوشش اِها آهي ته ڪراچي شهر تي پنهنجو مستقل قبضو قائم رکڻ لاءِ آدمشماريءَ ۾ هٿرادو واڌارو ڪرائڻ بعد، آباديءَ جي بنياد تي اليڪشن جا نوان تڪ جوڙايا وڃن. نئين تڪ بندين جي بنياد تي سنڌ اسيمبلي، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ سميت ٻين قانوساز ادارن ۾ غير سنڌين جي اڪثريت ڏيکاري وڃي. ان اڪثريت جي زور تي سمورن سنڌ دشمن منصوبن کي پارلياماني فورمن تان آئيني طريقي سان منظور ڪرائي کين قانوني شڪل ڏئي سنڌين کان سندن وطن کسيو وڃي. بدقسمتيءَ سان اسانجي بزرگن پاران پارلياماني اليڪشن کي حرام قرار ڏئي، ملڪ جا سمورا آئيني، قانوني ۽ حڪمرانيءَ جا اهم فورم ويڪائو وڏيرن، ڀوتارن، دهشتگردن، نسل پرست گروهن جي حوالي ڪري ڇڏيا. پاڻکي صرف روڊن تي ويهي ڌرڻا هڻڻ ۽ “نه کپي، نه کپي” جي نعرن تائين محدود رکيو ويو. هاڻي سنڌ دوست ڌُريون، مٿين خطرناڪ قسم جي سازشي منصوبن کي سمجھڻ بعد به جيڪڏهن پاڻ ۾ گڏ ويهڻ بجاءِ، بار بار آزمايل ۽ هر بار اقتدار حاصل ڪري سنڌين جي ڪُک ۾ ڇُرو هڻندڙ وڏيرن، ڀوتارن، سرمائيدارن، پيرن ۽ نسلي گروهن سان ويهن ٿيون ته ان ڪم عقليءَ کي ڪنهن به صورت ۾ سنڌ دوستي نه چئي سگھبو. اسانکي پنهنجين غلطين مان سبق سکي انهن ۾ سڌارو آڻڻ جي سخت ضرورت آهي. اسان اڳ ۾ ئي پنهنجن وڏڙن جي ڪيل سياسي غلطين سبب ٿيل قومي نقصانن جو پورائو ناهيون ڪري سگھيا. مٿان وري روز ويٺا نيون غلطيون ڪندا رهنداسين ته پنهنجو وجود ميساري، هن ڌرتيءَ تان پنهنجي حڪمرانيءَ وارو حق ڦُرائي ويهنداسين. اسانکي پنهنجي شخصي معتبرائپ، گادي نشيني، وڏيرائپ، ذاتي ۽ گروهي مفادن، پارٽي شائونزم ۽ انائن جي قيد خاني مان هر صورت ۾ ٻاهر نڪرڻو پوندو. جيڪڏهن پاڻ، پنهنجين غلطين کي سُڌارڻ بجاءِ، غلطين مٿان غلطيون ڪندا رهنداسين ته پوءِ، سنڌيءَ جو اهو پهاڪو اسانجي مٿان ٺهڪي بيهندو ته؛ “پنهنجي وڍيءَ جو ويڄ نه طبيب”.

[email protected]