“اڄ به گسٽاپو، گهر گهر وجهي ڪنبڻي” … آشوٽز جا قتل گاه، ڦٽندڙ زرد جهنگلي گلَ ۽ لهندڙ ڪبوتر

0
64
“اڄ به گسٽاپو، گهر گهر وجهي ڪنبڻي” ... آشوٽز جا قتل گاه، ڦٽندڙ زرد جهنگلي گلَ ۽ لهندڙ ڪبوتر

 برفباري جي هڪ صبح اسان جو سفر شروع ٿيو، جنهن کي مان نسل ڪشي جو سفر چوندس. بس هلندي ٿي رهي، جنهن ۾ اسانجو ميزبان يشايا وارسا ۾ جنم وٺندڙ شاعر، جو وارسا شهر جي ساراهه ۾ چيل گيت وڄائي ٿو. برفباري ۾ اسانجي بس وارسا جي يهودي گهيٽوز يا وستين ڏانهن سفر ڪندي ٿي وڃي. هاڻ اهو علائقو هڪ جديد شهر آهي پر اتي پولينڊ تي نازي قبضي وقت انهن علائقن کي گهيٽوز بڻايو ويو هو، جتي هڪڙي هنڌ گڏ ڪري يهودين کي زبردستي وسايو ويو هو.

                 پولينڊ جي هن شهر وارسا ۾ يهودي دانشور، شاعر، ليکڪ، موسيقار، مصور، فنڪار، ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان وسندا هئا. انهن کي  توڻي يورپ جي ٻين نازي قبضي آيل يورپ مان يهودين کي آڻي انهن گهيٽوز ۾ رکيو ويو، جتان پوءِ انهن جي “سليڪشن” ڪري انهن جوان، ٻڍن، ٻارن، عورتن کي ڪنسينٽريشن ڪيمپن ۾ ٽرينن ۽ لارين ۾ سندن ٻڪر ٻوساٽ ڪري موڪليو ويندو هو يا اتي ئي انهن گهيٽوز جي ميدانن ۾ قتل ڪيو ويندو هو ۽ اسانجي اها بس وارسا شهر ۾ يهودين جي اهڙن گهيٽوز ڏانهن روان دوان هئي ۽ بس جي اندر “عاصمه عصمتون” يعني “گيتن جو گيت” وڄي رهيو هو، جيڪو يوناني شاعر لاڪووف ڪمبانيلس جو لکيل آهي، جيڪو شاعر پڻ هولوڪاسٽ مان بچي نڪتل هو ۽ ان گيت جو موسيقار هو مڪس ٿيوڊراڪس. اهو گيت هولوڪاسٽ ۾ ڪنسينٽريشن ڪيمپ ۾ قيد ٿيل هڪ قيديءَ جو پنهنجي محبوبه جي تلاش جي باري ۾ هو. اوڻويهه سئو ستهٺ ۾ ريليز ٿيل ان گيت کانپوءِ يونان جي اتي آيل فوجي جنتا هن موسيقار کي جيل ۾ وجهي ڇڏيو هو. انهيءَ يوناني موسيقار جو پهريون ڀيرو مون نالو پنهنجي دوست موسيقار شاهد ڀٽي واتان ٻڌو هو، جڏهن مون هن جو عبرت مئگزين لاءِ انٽرويو ڪيو هو.

“ڪيڏي نه خوبصورت آهي منهنجي محبوبه

هن جي روز روز پاتل ويس وڳن سان

۽ هن کي وارن ۾ ڦڻي

ڪنهن کي خبر ڪونهي ته هوءَ ڪيڏي نه خوبصورت آ

ڪنهن کي به خبر ناهي ته هوءَ ڪيڏي نه خوبصورت آ”

بس يهودي گهيٽو تي بيهي ٿي.

گمنام قبرون آهن پر اتي ٽڙندڙ زرد جهنگلي گل ۽ لهندڙ ڪبوتر ٻڌائين ٿا ته اهو رت رائيگان نه ويو. هزارين ٻار ۽ وڏا هر روز انهن يادگيرين تي ڀيٽا ڏيڻ اچن ٿا.

لز ٻڌائي رهي هئي ته، “اوڻويهه سئو اوڻيتاليهه ۾ پولينڊ تي نازين قبضو ڪيو. وارسا ۾ انهن جي جنرل يهودين جي ڪائونسل کي حڪم ڏنو  ته يهودين کي هڪ هنڌ ڪٺو ڪيو وڃي ۽ هنن جي  آبادي گهيٽوز ۾ هڪڙي ئي هنڌ رهندي. سڃاڻپ ڪاڻ هنن کي ٻانهن تي  اڇي پٽي نيري دائودي ستاري سان پائڻي پوندي. اوڻويهه سئو چاليهه ۾ يهودي آبادي کي هڪڙي ئي هنڌ گهيٽو ۾ ڏهه فوٽ ڊگهين  ديوارن پويان واڙيو ويو. مردن کي جبري پورهئي تي موڪليو ويندو هو. جيڪي لاچار ۽ جبري مشقت ڪرڻ جي قابل نه هئا، تن کي ماريو ويندو هو. اتي جبري شهر بدري يا ڊيپورٽيشن لاءِ چونڊ به ٿيندي هئي. ماڻهو رستن تي لنگهڻ ۽ بيمارين ۾ مرندا هئا. هولوڪاسٽ انسائيڪلو پيڊيا موجب ڪي ٽياسي هزار يهودي بک وگهي مري ويا”. لز ٻڌائي رهي هئي: “گهيٽو ۾ وارسا سميت ٻين شهرن مان به يهودي آڻي واڙيا ويا هئا. ڪي چار لک يهودين کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو ويو. انهن مان هڪ لک پنجهٺ هزار کي چونڊي ٽريبلنڪا جي ڪئمپ ڏانهن لارين ۾ سٿي نيو ويو. رڳو ستر کن بچي نڪتا”. جولائي اوڻويهه سئو ٻائيتاليهه کان سيپٽيمبر اوڻويهه سئو ٻائيتاليهه تائين ٻه لک پنجهٺ هزار يهودي گهيٽوز کان  لاريون سٿي  ٽريبلنڪا ۾ ماريا ويا، جڏهن ته پنجٽيهه هزار يهودي گهيٽو ۾ آپريشن دوران ماريا ويا. نه فقط يهودي پر نازين هٿان انهن سان گڏ روما جپسي يعني روما خانه بدوش، همجنس پرست، غريب، پورهيت ۽ آرٽسٽ، شاعر، ڪميونسٽ به هولوڪاسٽ ۾ ماريا ويا. هولوڪاسٽ ۾ مارجي ويلن جو ڳاڻيٽو سٺ لک ٻڌايو وڃي ٿو.

يهودي گهيٽوز ۾ زيرزمين مزاحمت به ٿي. وارسا ۾ جڏهن هٽلر جي فوج ۽ پوليس ٻين يهودين کي ٽريبلنڪا جي ڪوس گهر کڻڻ آئي ته هٿياربند مزاحمت ٿي. ان مزاحمت ۾ هولوڪاسٽ مورخن موجب ست سئو نوجوانن حصو ورتو. اها جرمن فوج خلاف پهرين مزاحمت هئي. هنن ٽريبلنڪا ڏانهن هزارن جي تعداد ۾ يهودين کي کڄڻ کان ته بچائي ورتو پر پوءِ به ست هزار يهودي جرمن فوجن سان وڙهندي ماريا ويا، جڏهن ته وري به پنج هزار کن يهودي نازي ٽريبلنڪا ڏانهن کڻي ويا. انهن مزاحمتڪار نوجوانن جون قبرون ۽ يادگار يهودي گهيٽوز ۾ ئي آهن. مزاحمتڪار، نازي فوج جي مقابلي ۾ تمام ٿورا هئا. پر انهن مزاحمت ڪئي، جنهن کي “گهيٽو اپرائز” چيو وڃي ٿو.

سڄو وقت مون اهو پئي سوچيو ۽ اڃان تائين سوچيان پيو ته ويهين صدي چون ٿا ته نام نهاد جاڳرتا جي صدي هئي. ٻين مهاڀاري جنگ ۾ جيڪو اولهه جي طاقتن کي طاقت جي سياست ڪرڻي هئي، سا پنهنجي جاءِ تي پر هيڏي وڏي هولوڪاسٽ تي، ماڻهپي جي ڪوس تي، يهودي نسل ڪشي تي دنيا جو ضمير، ماڻهپو ڪٿي هو جو ان خلاف ڪٿان به ڪو آواز نه اٿيو! هي گانڌي، نهرو، هي ٽئگور، هي جارج برنارڊشا، هي صدر روزويلٽ، آمريڪي نئون ورلڊ آرڊر خاموشي ۽ مجرماڻي خاموشي….

انهن قبرن ۽ يادگارن تي وسندڙ مينهن جي ڦوهار سان اسان پولين ميوزيم آف هسٽري آف پولش جيوز پهتاسون. هتي يهودي تاريخ جا اڄ سوڌو هزار سال ۽ هڪ پورو ملڪ بند آهن. روزاني هزارين ماڻهو ۽ اسڪولن ڪاليجن جا شاگرد، شاگردياڻيون اهو ميوزيم گهمڻ اچن ٿا ۽ ٻيا شهر انتهائي ڪلچرل زندگي سان ڀريل هئا جيڪس پولش، بيلاروس، لٿونين، يوڪرينين، جرمن يهودين جي دم سان هئي. پولينڊ جا وارسا، ملڪ توڻي پولينڊ جا ٻيا شهر ڀرپور وسيل هئا. “اسين ڊاڪٽر، انجنيئر، موسيقار، مصور، شاعر، اديب، مفڪر، دانشور، واپاري، دڪاندار، ايڊيٽر، صحافي هئاسين، پُرامن هئاسين، قانون پسند هئاسين، پوءِ به اسانکي ڇو ماريو ويو؟” اهو سوال اڄ تائين جواب ڳولهي ٿو. هولوڪاسٽ تي هڪ  ڪتاب پڙهندي مون ڄاتو ته اوڻويهه سئو پنجيتاليهه تائين آمريڪي صدر روزويلٽ هڪ به وڌيڪ يهودي پناه گير آمريڪا ۾ قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. هاڻ پولينڊ سميت يهودين وٽ ڪوبه رستو نه بچيو هو سواءِ ٽريبلنڪا، آشوٽز ۽ موت جي!

اوڻويهه سئو پنجيتاليهه ۾ جڏهن سوويت فوجون پولينڊ ۾ داخل ٿيون، تڏهن نازين ۾ ڀاڄ پيئي ۽ ان کان اڳ نازي آشوٽز جهڙن عقوبت گهرن کي ڊاهڻ ۽ سندن خلاف شاهديون مٽائڻ جي ڪوشش ۾ ڪجهه حصا آشوٽز جا ساڙي به ويا هئا ۽ ڪجهه مسمار ڪري. پر پوءِ ڪميونسٽن به پولينڊ ۾ يهودين سان نازين وارو ئي ورتاءُ ڪيو. اهو پر ٻي بادشاهيءَ جو قصو آهي.

پولين ميوزيم آف جيوئش هسٽري اڳوڻن يهودي گهيٽوز علائقن ۾ آهي، جتي ڏهين صدي ۾ پولينڊ پوليسڪا قبيلي طرفان آباد ڪرڻ کان وٺي پولينڊ جي بادشاهه  جي  راڻي، هڪ حسين يهودي عورت کان وٺي پولينڊ جي  ارڙهين اڻويهين صدين ۾ جديد مفڪرن ۽ تعليمدانن کان وٺي ويهين صدي ۾ پهرين ۽ پوءِ ٻين مهاڀاري جنگين، پولينڊ تي نازي قبضي، وارسا جي پوري تباهي کان وٺي هولوڪاسٽ، يهودي عبادتگاهن سائناگاگ جي تباهين کان وٺي وري ملبي مان وارسا سميت پولينڊ جي نئين سر آڏاوت تائين هر شئي نئين سنئين اڏڻ تائين جو هر هڪ اميج هڪ مشهور گهٽي ۽ چوڪ، موسيقي، فلم، ادب، صحافت، پهرين يهودين جي پرنٽنگ پريس سڀ محفوظ ڪيا ويا آهن، ڄڻ ته اوهان ٽائيم مشين ۾ ويهي هڪ هزار سالن جو سفر طئي ڪريو ٿا. ٿر ۾  گوڙي، جين مندر وانگر ڇتين تي اڪريل مورتين وانگر هتي به پکين ۽ جانورن جون تصويرون هڪڙي سائناگاگ جي ماڊل وارين ڇتين تي اڪريل آهن. يهوديت ۾ ڪمزور جانورن جو پاسو کنيل ٻڌايل آهي. مونکي ان مهل وارسا جي ان پولش يهودي تاريخ جي عجائب گهر ۾  شيخ  اياز ياد اچي ٿو.

“او شال عقابن سان اٽڪان، مان واهر ٿي واهيرن جي”

اهو بيت سڀ کان پهرين مون دادوءَ جي  ريلوي اسٽيشن تي اوڻويهه سئو ستر جي ڏهاڪي  ۾  شيخ علي محمد جي “آفتاب” اخبار ۾ پڙهيو هو، اڄ تائين ياد اٿم. مونکي ڪاٺ جي ان نهايت ئي نفيس ڪم واري (ڄڻ ته انهيءَ کي چنيوٽ يا هالا جي شاه ڪاريگرن جوڙيو هجي) سائناگاگ جي ڇت  تي اڪريل  چٽيل انيڪ جانورن ۽ پکين جون تصويرون ڏسي عظيم صوفي فريد الدين عطار جو ڪتاب “منطق الطيور” يا پکين جي پارليامينٽ ياد آيو. جنهن به ان جو سنڌي ۾ نالو رکيو، واه جو رکيو.

ڪٿي پڙهيو هيم: “تاريخ عجائب گهر آهي  يا عجائب گهر تاريخ جوڙين ٿا”. اها ڳالهه وارسا ۾ ان پولش ميوزيم آف جيوئش هسٽري سان سورنهن آنا ٺهڪي اچي ٿي. آشوٽز جون ڳاڙهسري ڀتين واريون ڀوائتيون عقوبت خانن جون عمارتون، ڏاڪڻيون، صفا يا هالويز، اونداها قيدخانه، ٽارچر گهر، گئس چئمبر، جنهن ۾ يهودي، ڪاٺين وانگر زنده ساڙيا ويا، ٻارڙا جن جي قيد خاني جي ڀتين تي نازين هيٺ قيد ڪنهن يهودي مصور پياريون پياريون تصويرون ٺاهيون. “اوهان مان ڪيترن ننڍپڻ ۾ ڪاٺ واري گهوڙي تي سواري  ڪئي؟” مون پنهنجي انهي سفر ۾ ساٿين، گائيڊز ۽ ميزبانن کان پڇيو. لز سميت ڪن هٿ کڙا ڪيا. ڪنڊائتيون تارون يا لوڙها، تن پويان ڦاسي گهاٽ، نازي چيڪ پوسٽون، نمبروار ڪنسينٽريشن ڪئمپ، خوبصورت ڊگهن وارن واريون عورتون، جن کي گئس چئمبرس ۾ آڻڻ کان اڳ سندن اڌ يا سڄا مٿا ڪوڙيا ويا، ٻاهر نيڻ  نهار تائين چهچ ساوا گاه، وڏا وڏا وڻ، ريل جا اهي مال گاڏا، جن ۾ يهودي سٿي آندا ويندا هئا، ٻين هنڌن، شهرن ۽ گهيٽوز کان. هنن کي پهرين تيار ٿيڻ لاءِ تڙ ڪرڻ ۽ نوان ڪپڙا پهرڻ لاءِ چيو ويندو هو، ان بهاني سان ته توهان کي پڪنڪ تي نيو پيو وڃي. چهچ سايون لانز، اهي ريل پٽڙيون، مال گاڏا، ۽ جن رستن تي ڪالهه عورتون، مرد، ٻڍا ٻار قيدي ٿي هليا نازي پهرن هيٺ، اڄ اتي هزارين سياح، گائيڊ ۽ اسڪولي ٻار ڪاليجي شاگرد پئي هليا. سڄي دنيا وانگر هتي به عاشقن پنهنجا آشوٽز جي ڀتين ۽ وڻن تي دل ۽ ان ۾ تير جا نشان ٺاهي لکيا ٿي. اسانجي گائيڊ آگاٿا  کي ان تي ڏاڍي بڇان هئي.

مونکي وري ڪالهه بس تي وڄندڙ يوناني موسيقار جو اهوئي گيت ياد آيو، جيڪو يوناني شاعر هتي آشوٽز ۾ پنهنجي محبوبه جي تلاش  ۾  لکيو هو “گيتن جو گيت”.

“ڪنهن کي خبر ناهي ته هوءَ ڪيڏي نه خوبصورت آهي

ڪنهن کي خبر ناهي ته هوءَ ڪيڏي نه خوبصورت آهي

ڪير به ڄاڻي نه ٿو ته هوءَ ڪيڏي نه خوبصورت آهي

اي ميٿاسين جون ڇوڪريون

اي بيلسن جون ڇوڪريون

اوهان ڪڏهن اتفاق سان منهنجي محبوبه ڏٺي آهي

اوهان ڪڏهن اتفاق سان منهنجي محبوبه ڏٺي آهي

اوهان ڪڏهن اتفاق سان منهنجي محبوبه ڏٺي آهي

اسان هن کي چوڪ ۾ ٿڌ ۾ ٺرندي ڏٺو

هن جي گوري ٻانهن تي هڪڙو نمبر لڳل هو

۽ هيڊو ستارو هن جي دل مٿان ٺهيل هو”

بس هڪڙي تشنگي هن پولينڊ جي سفر ۾  رهجي ويئي. منهنجي دوست هري مونکي برطانيا مان چيو هو ته پولينڊ جي بيئر ڏاڍي سٺي ٿيندي آهي، جيڪا هن سفر ۾ ايترو رڌل هوس، نه پي سگهيس. پولينڊ تنهنجو بيئر پيئڻ ڪاڻ ضرور واپس ايندس، تيستائين امداد حسيني چواڻي:

جتان موٽياسين پياسا پياسا

اتي دور تي دور هلندا ته هوندا