اپوزيشن عثمان بزدار خلاف به بي اعتمادي رِٿ جمع ڪرائي ڇڏي

0
202

اپوزيشن عثمان بزدار خلاف

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) اپوزيشن وزيراعظم کانپوءِ پنجاب جي وڏي وزير کي سوڙهو ڪرڻ لاءِ سندرا ٻڌي ورتا، پنجاب اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ عثمان بزدار خلاف بي اعتمادي رِٿ جمع ڪرائي ڇڏي

اپوزيشن اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ لاءِ ريڪيوزيشن به جمع ڪرائي ڇڏي، رِٿ ۾ عثمان بزدار جي ڪارڪردگي تي تنقيد ڪندي چيو ويو آهي ته پنجاب ۾ معاملا آئين تحت نٿا هلايا وڃن، عثمان بزدار جمهوري روايتن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي

رِٿ تي نواز ليگ جي 122 ۽ پيپلز پارٽي جي 6ميمبرز جون صحيحون ٿيل آهن، اسپيڪر 14 ڏينهن ۾ رِٿ پيش ڪرڻ لاءِ اجلاس گهرائڻ جو پابند آهي، بي اعتمادي بعد وڏو وزير اسيمبلي ٽوڙي نه سگهندو

پنجاب اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جا 183 ۽ ن ليگ جا 165 ميمبرز آهن، ق ليگ  جا 10 جڏهن ته پيپلز پارٽي وٽ 7 ميمبرز آهن، پنجاب اسيمبلي ۾ 5 آزاد ميمبر آهن ۽ هڪ ميمبر جو تعلق راه حق پارٽي سان آهي

آئين موجب اپوزيشن طرفان بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائڻ کانپوءِ هاڻي اسپيڪر 14 ڏينهن ۾ اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جو پابند آهي، اپوزيشن ۽ حڪومت کي پنهنجا نمبرز پورا ڪرڻا آهن

ھي به پڙھندا

اليڪشن ڪميشن ڊيڊي جهڙو سلوڪ ڪري رهيو آهي: اٽارني جنرل