اليڪشن ڪميشن ڊيڊي جهڙو سلوڪ ڪري رهيو آهي: اٽارني جنرل

0
209

اليڪشن ڪميشن ڊيڊي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اٽارني جنرل آف پاڪستان بئريسٽر خالد جاويد خان جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن ڊيڊي جهڙو سلوڪ ڪري رهيو آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان وزيراعظم عمران خان تي لڳل ڏنڊ خلاف ٻڌڻي دوران دليل ڏيندي اٽارني جنرل چيو ته وزيراعظم سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ دوران غير جانبدار نٿو رهي سگهي

هن چيو ته ٿي سگهي ٿو ته اليڪشن ڪميشن يقيني بڻائي ته توهان ڪنهن سرڪاري اسڪيم جو اعلان نٿا ڪري سگهو، اليڪشن ڪميشن اهو به چئي سگهي ٿو ته ڪو وزير سرڪاري گاڏي استعمال نٿو ڪري سگهي

اٽارني جنرل چيو ته وزيراعظم لکت ۾ هدايتون ڏنيون هيون ته هو پنهنجي کيسي مان خرچ ڪندو، ائين ٻڌو نه وري ڪڏهن ائين ٿيو ته اليڪشن ڪميشن چوي ته وزيراعظم کي سوات وڃڻ کان روڪيو ويو آهي

بئريسٽر خالد جاويد خان چيو ته اليڪشن ڪميشن ڊيڊي وانگر ڪم ڪري رهيو آهي، رياست جي سربراهه کي روڪي سگهجي ٿو پر حڪومت جي سربراهه کي نٿو روڪي سگهجي

اٽارني جنرل چيو ته اليڪشن ڪميشن وزيراعظم کي نوٽيس ۽ ڏنڊ وجهي رهيو آهي، ايندڙ قدم نااهلي آهي، اليڪشن ڪميشن اهو ڪيئن ڪري سگهي ٿي؟

هن عدالت کان استدعا ڪئي ته اليڪشن ڪميشن کي وڌيڪ ڪارروائي کان عارضي طور تي روڪيو وڃي، پارلياماني نظام ۾ اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ جنهن بعد عدالت اليڪشن ڪميشن کي حڪم ڏنو ته وزيراعظم خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وڃي

ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن نوٽيس باوجود وزيراعظم عمران خان تي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي سوات ۾ ريلي ڪرڻ تي ڏنڊ لڳايو هو

ھي به پڙھندا

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي وزيراعظم خلاف ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو