اپر ڪوهستان ۾ ڌماڪو، ايف سي اهلڪارن سوڌو 10 ماڻهو مارجي ويا

0
275
ڪوئيٽا ۾ جناح روڊ تي

ڪراچي(م ڊ) اپر ڪوهستان جي علائقي داسو ويندڙ گاڏي ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ايف سي اهلڪارن ۽ غير ملڪين سوڌو 10 ماڻهو مارجي ويا، ڊپٽي ڪمشنر محمد عارف جي موجب ڌماڪو برسين ليبر ڪيمپ کان داسو ويندڙ گاڏي ۾ ڪيمپ جي ويجهو ٿيو، ڌماڪي ۾ 39 ماڻهو زخمي به ٿي پيا، محمد عارف جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ماڻهن ۾ 2 ايف سي اهلڪار ۽ 4 غير ملڪي به شامل آهن، ڊي سي موجب گاڏي ۾ داسو ڊيم تي ڪم لاءِ ويندڙ عملي جا ماڻهو شامل هئا، زخمين ۽ لاشن کي آر ايڇ سي داسو منتقل ڪيو ويو آهي، محمد عارف جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي نوعيت جاچڻ لاءِ جاچ جاري آهي، پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علائقي کي گهيري ۾ آڻي ورتو آهي.